{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فيچرز > ليبر ڊي جي خاصيت مذهبي حوالن سان

ليبر ڊي جي خاصيت مذهبي حوالن سان

ويچار ڊيسڪ
September 6th, 2010

آمريڪا ۾ سومر، 6 ڊسمبر تي ليبر ڊي ملهايو ويندو. هن ڏهاڙي سڄي آمريڪا ۾ عام موڪل هوندي آهي. اِهو ڏهاڙو 1984 ۾ ڪم جي فضيلت جي ياد ۽ پورهيت ڪندڙ طبقن جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. پر اڄڪلهه گهڻا ئي آمريڪي هن ڏهاڙي جو انتظار تنهنڪري ڪندا آهن ته هنن کي گرمين جي موسم جي آخري ٽن ڏينهن جي موڪل ملندي آهي. 4 وڏن مذهبن جي پوئلڳن لاءِ هن ڏهاڙي جي روحاني خاصيت ڇا آهي اِهو سمجهڻ لاءِ هيٺ پڙهندا.

 

ڪوئينز نيويارڪ ۾ امام عبدالباقي تمام گهڻو مصروف رهندو آهي. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو فرض ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ هو ڪميونٽي جي سيوا ۽ فلاحي ڪم پڻ ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو ڏينهن ۾ 15 ڪلاڪ مصروف هوندو آهي. سندس چوڻ آهي ته قرآن شريف موجب ڪو به ڪم پاڻ مقدس ناهي بلڪ ڪو به ڪم اُهو وسيلو آهي جنهن جي وسيلي توهان رب جي مرضي مطابق ڪم ڪري سگهو ٿا. سندس موجب ”ڪم اُهو وسيلو آهي جنهن سان اسين دولت گڏ ڪندا آهيون ۽ جڏهن ماڻهون دولت گڏ ڪندا آهن ته پوءِ ڪجهه فرض پورا ڪرڻ به لازمي هوندا آهن. جيڪا شئي رب کان پهريان ضروري آهي هو آهي پنهنجي گهر جي سار سنڀار ڪرڻ“.

 

امام عبدالباقي فرمايو آهي ته اسلام ۾ گهر جي تصور ۾ توهانجي ڪميونٽي پڻ شامل آهي. سندس چوڻ آهي ته اسلام جي 5 بنيادي رڪنن مان هڪ رڪن زڪوات آهي جيڪا سڀنيءَ تي واجب آهي. زڪوات ضرورتمند، مسافرن، قرضدارن ۽ انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي توهان کان پريشاني جي حالت ۾ مدد گهرن. زڪوات کي اسلام جي تبليغ ۽ ماڻهن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪم اُهو وسيلو آهي جنهن سان اسين زڪوات ڏيڻ جوڳا ٿيندا آهيون.

 

ڪم ڪرڻ کي عيسائي مذهب ۾ به اهم سمجهيو ويندو آهي. ڊين وولف رياست ڪينساس ۾ ايپي ڪوپل بشپ آهي. ڪوپل بشپ هن حقيقت تي ڌيان ڏيندو آهي ته حضرت عيسيٰ هڪ ڏکڻ جو پُٽ هو، هن پنهنجو گهڻو وقت پورهيو ڪندڙ ماڻهن سان گذاريو جن ۾ ملاح، هاري ۽ ٻيا ماڻهون پڻ شامل هئا جيڪي پاڻ پورهيو ڪندا هئا. بشپ وولف جو پيءُ ڪارون ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ملازمت ڪندو هو. هن اِها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته مذهبي ڪتابن ۾ روحاني محنت کان جسماني محنت کي افضل قرار ڏنو ويو آهي پر سندس خيال آهي ته اصل مقصد ٻنهيءَ کي هڪ ٻي سان شامل ڪرڻ آهي. هن چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ اِها اُميد هميشه موجود هوندي آهي ته محنت ۽ عبادت اهڙي طرح هڪ ٿي وڃن ته ٻنهيءَ ۾ ڪو فرق نظر نه اچي. آسماني ڪتابن ۾ اِهو خيال عام آهي ته عيسائين کي پنهنجي زندگي ۾ حضرت عيسي جي زندگي جي ريس ڪرڻ گهرجي ۽ حضرت عيسي سندس زندگي انسان جي شڪل ۾، عام ماڻهن وانگر گذاري.

 

گيري سنائيڊر بڌ مت مذهب جو پوئلڳ آهي. گيري سنائيڊر شاعر آهي، هو پنهنجو گهڻو وقت ڪاٺيون وڍڻ، پاڻي ڀرڻ ۽ جسماني محنت وارن ڪمن ۾ گذاريندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ”ڪم ڇا آهي؟ راند کان علاوه ڪجهه به ناهي. ڪم اُها شئي آهي جيڪو اسين پنهنجي گذر بسر لاءِ روزانو ڪندا آهيون. گيري چيو آهي ته ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪم جي ذريعي اسين روزانو نئيون ڳالهيون سکندا آهيون. اسين ڪم کان پيڇو ڇڏائي نٿا سگهون. جيڪڏهن اسين ڪم نه ڪندا سين ته اسانجي قدر گهٽجي ويندي. هن کان علاوه اسين هڪ ٻي سان ۽ دنيا سان جڙيل آهيون، اسان سڀنيءَ کي ڪنهن حد تائين هن دنيا ۾ پنهنجي زندگي جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي آهي.

 

نيويارڪ جي هڪ يهودي تنظيم CLAL جي رابي ارون ڪلا جو چوڻ آهي ته سُٺي ڪم جي خاصيت اِها آهي ته هن سان انسان جي هستي پاڪ صاف ٿي ويندي آهي، يهودي مذمب جو هڪ خاص عقيدو آهي. هن ريت موجب ڪنهن جي محنت جي قدر هن ڳالهه سان طئه ڪئي ويندي آهي ته ڪم ڪندڙ جي نيت ۽ مقصد ڇا هو. سڀ کان گهڻو تخليقي ڪم اُهو هوندو آهي جنهن ۾ انسان کي اِهو تجربو ٿئي ته هن سان معاشرو بهتر ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جا ڏک درد ختم ٿي رهيا آهن. رابي ڪلا موجب ”اِهو مقصد ڪهڙي قسم جي ڪمن کان حاصل ٿي سگهي ٿو. ضروري ناهي ته ڪو اسڪائي اسڪريپر تعمير ڪري يا ڪينسر جو علاج دريافت ڪري. روڊ صاف ڪرڻ سان مهذب معاشرو قائم ٿيندو آهي.“

 

رابي ڪلا کي اِها حقيقت تڏهن معلوم ٿي جڏهن هو سندس مرڻينگ ڏاڏي کي ڏسڻ ويو هو. هن ڏٺو ته هڪ ملازم سندس ڏاڏي جي گندگي صاف ڪري رهيو هو. هن ماڻهون جي شڪل تي حيران ڪندڙ مُرڪ هئي. ڪجهه گهڙين لاءِ غور ڪندا، اِهو شخص ڪنهن ٻي جو گند صاف ڪري رهيو هو جنهن جي عيوض کيس ٿوري گهڻي مذدوري ملندي هئي. هن ٻڌايو  ته منهنجي ڏاڏي سان هن شخص جو رويو تمام سُٺو هو ڇاڪاڻ ته هو ڪيتري ڌيان سان اِهو ڪنو ڪم ڪري رهيو هو. اِهو ڏسي مونکي روئڻ اچي ويو.

 

هو صرف خيال ڪونه آهن جن جي متعلق آمريڪي هلندڙ هفتي جي آخري ڏينهن سمنڊ جي ٻيٽ تي ليٽي ڪري ڪتاب پڙهندي، پنهنجي خاندان سان پڪنڪ ملهائيندي ۽ محنت ڪرڻ کانپوءِ آرام ڪندي غور ڪري سگهن ٿا.