{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فيچرز > ايشيا جي نيلسن منڊيلا

ايشيا جي نيلسن منڊيلا

ويچار ڊيسڪ
November 14th, 2010
5 / 5 (1 Votes)

ڏکڻ آفريقا جي اڳواڻ نيلسن منڊيلا وانگر آنگ سان سوچي سڄي دنيا ۾ ظلم ۽ جبر خلاف پرامن جدوجهد جو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي. 65 سال جي آنگ سان سوچي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندي سندس زندگي جي 21 سال مان 15 سال قيد ۾ گذاري ڇڏيا آهن.

 

آنگ سان سوچي برما جي آزادي واري هيرو جنرل آنگ سن جي ڌيءُ آهي. جنرل آنگ سن کي 1947 ۾ ملڪي اقتدار جي منتقلي دوران قتل ڪيو ويو هو. پيءُ جي قتل ٿيڻ مهل آنگ سان سوچي جي عمر صرف 2 سال هئي. آنگ سان سوچي 1960 ۾ پهريون ڀيرو انڊيا جو دورو ڪيو جتي سندس ماءُ کي برما جو سفير مقرر ڪيو ويو هو.

 

1964 ۾ آنگ سان سوچي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فلسفي، سياست ۽ اڪنامڪس جي تعليم حاصل ڪئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران آنگ سان سوچي جي ملاقات سندس جيون ساٿي مائيڪل ايرس سان ٿي هئي. ڪجهه عرصي تائين جاپان ۽ ڀوٽان ۾ رهڻ بعد آنگ سان سوچي مستقل طور تي برطانيا ۾ رهڻ جو فيصلو ڪندي هڪ گهريلو ماءُ وانگر سندس ٻارن، اليگزينڊر ۽ ڪم جي پرورش ڪئي.

 

برطانيا ۾ زندگي گذاريندي آنگ سان سوچي برما کي وساري ڪونه سگهي. 1988 ۾ سندس بيمار ماءُ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ برما وئي. برما پهچڻ بعد تقرير ڪندي چيائين ته برما ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سان تعلق ٽوڙي نٿي سگهان.

 

برما ورڻ بعد آنگ سان سوچي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندي رهي. آنگ سان سوچي مارٽن لوٿر ۽ مهاتما گانڌي جي ”عدم تشدد“ واري فلسفي تي عمل ڪندي سڄي دنيا ۾ پرامن ريليون ڪڍيون ۽ ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ لاءِ جوڙجڪ ڪندي رهي پر فوجي حڪمرانن سندن قوت ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سندس پرامن جدوجهد کي دٻائي ڇڏيو. 1990 ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ آنگ سان سوچي کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ گرفتار ڪرڻ بعد سندس سياسي جماعت اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

برما جي فوجي حڪمرانن 1991 ۾ سندس جماعت نيشنل ليگ فار ڊيموڪريسي جي ڪاميابي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي آنگ سان سوچي کي گرفتار ڪري ورتو. آنگ سان سوچي کي قيد دوران پرامن نوبل انعام ڏنو ويو. نوبل انعام ڪاميٽي ۾ شامل فرانس سيجسٽيڊ آنگ سان سوچي کي ”ڪمزور عوام جي سگهه“ چيو هو.

 

ٻنهيءَ ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ آنگ سان سوچي کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڪونه هئي پر ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود آنگ سان سوچي اڄ به برما جي عوام لاءِ اُميد جي علامت آهي.

 

آنگ سان سوچي کي 1995 ۾ آجو ڪيو ويو پر هن مٿان پابنديون لاڳو ڪيون ويون. 2009 تي آنگ سان سوچي کي قيد جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ 18 مهينن جي سزا ٻڌائي وئي.

 

آنگ سان سوچي قيد جي عرصي دوران ملڪي حالتن تي غور ڪرڻ کان علاوه جاپاني ۽ فرانسيسي ٻولي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.

 

ڪجهه سالن کان آنگ سان سوچي کي قيد جي عرصي دوران سندس جماعت جي اڳواڻن ۽ خاص طور تي سفارتڪارن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ملندي رهي.

 

برما جي فوجي حڪمرانن آنگ سان سوچي کي پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي پر آنگ سان سوچي سندن آڇ قبول ڪرڻ بدران برما ۾ رهڻ کي فوقيت ڏني.

 

آنگ سان سوچي قيد جي عرصي دوران ڏاڏي بڻجي وئي پر اڄ تائين اولاد سان ملاقات ڪونه ڪري سگهي آهي.

 

ڪجهه مهينن دوران آنگ سان سوچي پاران اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ واري فيصلي جي مذمت ڪئي وئي. سندس جماعت جو چوڻ هو ته اليڪشن جا قانون شفاف ناهن. سندس سياسي جماعت جي ڪجهه ميمبرن آنگ سان سوچي جي جماعت کان ڌار ٿيڻ بعد نئين جماعت قائم ڪري اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي.