{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فيچرز > فوج انتهاپسندي جو خاتمو آڻڻ جو ارادو ڪري ورتو: تجزيه نگار

فوج انتهاپسندي جو خاتمو آڻڻ جو ارادو ڪري ورتو: تجزيه نگار

ويچار ڊيسڪ
June 22nd, 2011

پاڪستاني فوج جي سپاهين سان نان ڪميشنڊ آفيسرز جي شدت پسندن سان لاڳاپن جي بنياد تي گرفتاريون ٿيون جيئن ته 2003 ۾ تڏهوڪي صدر جنرل پرويز مشرف تي حملن بعد ايئرفورس ۽ آرمي جي نان ڪميشنڊ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو. پر تجزيه نگارن موجب هن الزام هيٺ ڪنهن به سينيئر فوجي آفيسر کي پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

بچاءُ واري تجزيه نگار ۽ پاڪستاني فوج جي هڪ اڳوڻي جنرل (ر) طلعت مسعود موجب، ڪيترا ئي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته ڪجهه سينيئر آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪي ڪيترن ئي ڳالهين جي ڪري پاڪستان يا وري اداري خلاف ڪم ڪري رهيا هئا.“

 

پر سندس خيال ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جي گرفتاري ٿئي آهي. جيڪو اهڙين تنظيمن سان ڪم ڪري رهيو هو جيڪي رياست خلاف وڙهي رهيون آهن، فوج کي نشانو بڻائي رهيون آهن. انٽيليجنس، سيڪيورٽي ايجنسين ۽ عام ماڻهن جو قتلام ڪري رهيون آهن.

 

جنرل (ر) طلعت مسعود چيو ته اهڙن ماڻهن سان تعاون ڪرڻ، سندس موجب ڏوهه آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته اِها گرفتاري وڏي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن گرفتاري سان ڪيترن ئي لاڳاپن جي خبر پڻ پوندي.

 

جنرل رٽائرڊ طلعت حسين چيو ته هاڻي ڏسڻو آهي ته جيڪا به پڇا ڳاڇا ٿيندي ان سان ڇا خبر پوندي جو گرفتار ٿيل برگيڊيئر اڪيلو ڪم ڪري رهيو هو يا وري هن سان ٻيان ماڻهو پڻ شامل هئا. سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني عوام سڀنيءَ سوالن جا جواب گهري رهيا آهن.

 

کائنس سوال پڇيو ويو ته ڇا هن گرفتاري سان فوج جي اداري کي نقصان رسيو آهي، سندس چوڻ هو ته ظاهري طور نقصان ٿيندو پيو آهي پر جيڪڏهن سندس خلاف ڪارروائي ڪونه ڪندا سين ته وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.“

 

هن چيو ته برگيڊيئر کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ سُٺو ڪم آهي. اصل ۾ فوج کي هاڻي احساس ٿيو آهي ته فوج ۾ اهڙن ماڻهن جي ضرورت ناهي ۽ پاڪستاني فوج کي اهڙن ماڻهن کان آزاد ڪرائڻو پوندو.“

 

فوج ۾ مذهبي انتهاپسندي باري هڪ سوال جي باري ۾ سياسي ۽ بچاءُ واري تجزيه نگار حسن عسڪري چيو ته پهريان به اهڙيون خبرون ملنديون رهيون ته ڪجهه ماڻهو شدت پسندن جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. ائين محسوس ٿئي ٿو ته پاڪ فوج انهن مامرن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي جو ائين ڪرڻ سان آرمي پروفيشنلزم کي وڌيڪ اهميت ڏيندي“.

 

اِهو پڇڻ ته اِها ڳجهن ادارن جي ناڪامي ناهي، ڊاڪٽر رضوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستاني فوج جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترا ئي مامرا برداشت ڪيا ويا. هن چيو ته فوج ۾ انتهاپسندي جو رجحان جنرل ضياء جي دور کان شروع ٿيو ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي ڳالهين کي نظر انداز ڪونه ڪيو ويو، سندس موجب هاڻي فوج فيصلو ڪري ورتو آهي ته مامرا ايترا خراب ٿي چُڪا آهن جو اسين سنگين مامرن کي نظر انداز ڪونه ڪيو ويندو.