ويچار جا دوستو!
اسانکي اُميد آهي ته توهان ويچار ڊاٽ ڪام جو مزو ماڻي رهيا هوندا. ويچار ڊاٽ ڪام کي هلائڻ لاءِ ويچار ڊاٽ ڪام جو ادارو هر مهيني 1000 کان 1100 ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي. اڃان تائين اهو سمورو خرچ ويچار ڊاٽ ڪام جو ادارو پاڻ ڪري رهيو هو ۽ اسين ڪنهن کان به ڪو مطالبو ڪونه ڪندا هئا سين. هاڻي هن خدمت کي جاري رکڻ لاءِ اسانکي ڏيکايون پيش اچي رهيون آهن ۽ اسانکي توهانجي تعاون جي ضرورت آهي.
اسانکي اُميد آهي ته توهان پنهنجي ماءُ ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪندا ۽ اهو ٻوٽو جيڪو ويچار ڊاٽ ڪام هنيو آهي هن جي پرورش ڪرڻ ۾ اسانجي مدد ڪندا.
توهان هن ڪم ۾ اسانجي امداد ڪرڻ لاءِ اسان تائين پنهنجو فنڊ هيٺ ڄاڻايل وسيلن جي ذريعي اُماڻي سگهو ٿا.
”ويچار“ جي نالي تي چيڪ لکي ڪري اُماڻي سگهو ٿا.
ويچار ڊاٽ ڪام تي ڊونيشن لاءِ لڳيل ”پي پال“ جي لنڪ ذريعي اسان تائين فنڊ موڪلي سگهو ٿا.
توهان پنهنجي ڪاروبار جو اشتهار ”ويچار“ ڊاٽ ڪام تي هڻائي سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻي وسيلي سان پئسا موڪلڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسانکي ضرور ٻڌائيندا.
جيڪڏهن توهان پاڪستان ۾ رهندا آهيو ته...
”ساهيوال پبلشرز“ جي نالي تي چيڪ لکي ڪري هيٺ ڄاڻايل ايڊريس تي اُماڻي سگهو ٿا.
ساجد چوڌري
B-11 احباب ٽاور ريلوي روڊ ساهيوال. 57000
ويچار جو ايڊريس نوٽ ڪندا.
6305 Travilah Court Fairfax Station VA 22039
لفافي تي ”ڊاڪٽر منظور اعجاز“ جو نالو ضرور لکندا.
نوٽ:
پهريان اهو خط ڪجهه چونڊيل دوستن کي هن اُميد سان موڪلي وئي هئي ته اسين گهربل رقم گڏ ڪري سگهندا سين. اڃان تائين ڪجهه دوستن اسانکي 2000 ڊالر جي رقم موڪلي آهي ۽ هڪ 600 ڊالر جو اشتهار اسانکي مليو آهي. ويچار جي مدد ڪندڙ دوستن جا نالا اسين سندن چوڻ تي خفيه رکيا آهن. اسانجو سمورو حساب ڪتاب سنون سڌو آهي ۽ مدد ڪندڙ دوست اسان کان ڪنهن به مهل حساب ڪتاب گهرائي سگهن ٿا پوءِ هنن 20 ڊالر جو حصو ئي ڇو نه ڏنو هجي.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسين توهانجو نالو ويچار جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيون ته پوءِ اسانکي ميل ڪندا اسين انهيءَ مهل توهانجو نالو لسٽ مان ڪڍي ڇڏيندا سين.