ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ”سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف دي چائلڊ“ (سپارڪ) پاڪستان ۾ ٻآرن جي مسئلن ۽ سندن حالت باري ڇاپيل پنهنجي نئين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مهانگائي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي خراب حالت سبب ٻار سنون سڌو دهشتگرد ڪارواين ۾ شامل ٿي رهيا آهن يا وري سندن ڪچي سوچ جي سبب هنن ٻارن جو دهشتگردن جي هٿان استعمال ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي.
اها رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ فاضله گلريز جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۾ ٻار توڙي سئون سڌو شامل نه ٿين يا سندن والدين مان ڪو دهشتگردي جو شڪار ٿئي، ٻارن تي هن جو اثر پوندو آهي. ٻارن جي دهشتگردي ۾ شامل هجڻ هو اهو مطلب ناهي ته ٻار خودڪش حملن ۾ ملوث ٿيندا. هن ٻڌايو آهي ته سندس ريسرچ ۾ اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي اندر قبائلي جهيڙن ۾ ٻارن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جا مرد قبائلي جھيڙن ۾ مارجي ويا آهن يا وري وڙهڻ جي قابل ناهن جنهن سبب هو ٻارن کي جھيڙن ۾ استعمال ڪندا آهن.
(سپارڪ) قبائلي علائقن ۽ صوبه سرحد ۾ تنظيم جي سروي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته صرف جهادي تنظيمون ئي گهٽ عمر جي ٻارن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪونه ڪنديون آهن بلڪ سرڪاري اداره به ارڙهن ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ڀرتي ڪري کين جھيڙي جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن.
فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي صدر ظفر الله خان (سپارڪ) طرفان هنيل الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪانسٽيبلري جي پاليسي موجب ارڙهن کان ڇويهه ورهين جي نوجوانن کي ميڊيڪل چيڪ اپ کانپوءِ ڀرتي ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ آهي ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو فاٽا سان ڪو تعلق ناهي نه وري هنن جا نوجوان هتي تعينات ڪيا ويا آهن. سندس اداري جو بنيادي ڪم سرحد صوبي جي انتظامي علائقن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ انتظاميه سان تعاون ڪرڻ آهي.
رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته معصوم ٻارن تي وڌندڙ مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پوندو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ غريب خاندان پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جو خرچ نٿو کڻي سگهي ان ڪري غريب خاندان پنهنجي ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ لاءِ مجبور آهن. ان ڪري روڊن تي هوٽلن، ورڪشاپ، چوڙين جي ڪارخانن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن جو انگ گهٽ ٿيڻ بدران وڌي رهيو آهي.
ٻارن جي مسئلن ۾ ٻين ڏکياين سان گڏ جيل ۾ قيد ٻارن جي حالت تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب جيلن ۾ قيد ٻارن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کي قانوني امداد جي ضرورت آهي ۽ قيدي ٻارن جي وڏي انگ کي هن بنيادي حقن جي ڄاڻ ڪونهي.
وائس آف آمريڪا جي ٿورن سان