کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فيچرز > ڪاراڻ تي روشن خيالي جو پائوڊر

ڪاراڻ تي روشن خيالي جو پائوڊر

ويچار ڊيسڪ
August 18th, 2008

ضياء الحق جي يارهن ورهين جي ڪاراڻ واري دور کي گذريل اٺ نو ورهين ۾ روشن خيالي جو پائوڊر هڻي وڪرو ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پاڪستان جي مشهور شاعره ۽ ليکڪ ڪشور ناهيد، ضياء الحق جي 20 ورسي جي موقعي تي بي بي سي اُردو سروس سان سندس هڪ انٽرويو ۾ هن دور جون يادون تازه ڪندي ڪيون هيون.

 

ضياء الحق جي ورسي تي اسانکي هڪ ڪميني جيتري خوشي هئي ته پاڪستان کي ستر هزار ڪوڙا ڏيندڙ، قرآن جي آيتن کي سينسر ڪندڙ ۽ عورتن جي خلاف ڪارا قانون آڻيندڙ اسانجي ڪوششن جي ڪارڻ نه بلڪ رب جي حڪم سان ختم ٿيو.“

 

سندس چوڻ هو ته ضياء الحق جي جهاز حادثي جي خبر هن اسلام آباد ۾ ٽي وي تي ٻُڌي ۽ پوءِ سڀئي دوست گڏ ٿيا. ضياء الحق جي دور کي مشرف جي دور سان ڀيٽائيندي سندس چوڻ هو ته هن دور ۾ ۽ هُن دور ۾ وڌيڪ فرق ناهي، ان دور ۾ به صحافين سان مارڪُٽ ڪئي هئي، هنن جا ايڪسيڊنٽ ڪيا ويا، ماڻهن کي روڊن تي گهليو ويو.

 

سندس چوڻ هو ته آئون بلوچستان جي الاهي پروگريسو نوجوانن کي سڃاڻيان جن کي سندن گهرن مان کنڀيو ويو ۽ اڄ تائين هنن جي خبر ڪونه پئجي سگهي آهي.

 

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيه جي ماڻهن کي خبر پئجي وئي پر جن نوجوانن کي لولاري، ڪوئيٽا، خضدار ۽ تربت کان کنڀيو ويو هنن جي اڄ ڏينهن تائين خبر ڪونه پئجي سگهي آهي. صدر مشرف جي دور ۾ ميڊيا کي ڏنل آزادين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته هن ڳالهه سان اتفاق ڪونه ڪندس ته صدر مشرف اُهي آزاديون ڏنيون آهن.

 

سندس چوڻ هو ته هي بالڪل غلط آهي ته صدر مشرف ميڊيا کي آزادي ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن پنجاهه چئنل کليا ته هن واويلي ۾ الاء ڪٿان ڪٿان آوازون اچي رهيون هيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وقت جي مجبوري هئي جنهن سبب مشرف کي ائين ڪرڻو پيو. سندس چوڻ هو ته ميڊيا ۾ به اهڙا کوڙ ماڻهون موجود آهن جيڪي صدر مشرف جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ اُتاولا هئا اڄ هن تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

 

ڪشور ناهيد چيو ته ميڊيا ۾ به سانڊا موجود آهن.

 

سندس چوڻ هو ته هو صدر مشرف جي حمايت ۾ هڪ لفظ ڪونه ڳالهائيندي ڇاڪاڻ ته هن عورت جي حق ۾ ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪيو، ماڻهن جي حق ۾ ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو. چونڊيل ايوانن ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ باري سندس چوڻ هو ته سيٽون وڌائڻ سان ڪو فرق نه پئجي سگهيو. اُهي عورتون جيڪي ايوانن ۾ آيون هنن صرف سهولتون وٺڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه نه ڪيو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com