(1)
فقير ٻهروپيي جو پُٽ ملنگي وڏي حويلي واري شيخ صاحب جي پُٽ جو همعمر هيو، ٻئي ڇوڪرا ننڍپڻ کان وٺي دوست هئا. ننڍپڻ ۾ ٻئي ڪجهه عرصي تائين هڪ ئي مسجد ۾ پڙهندا هئا پر هي هُن حويلي جي ڳالهه آهي جڏهن شيخ صاحب کي مسيت، مولوين، فقيرن ۽ درويشن جي باري گهڻي ڄاڻ هئي. تڏهن هو پاڻ مسيت جي مولوي صاحب کي پنڊيءَ ۾ ماني ۽ ٻوڙ رکي ڏيڻ ويندو هو ۽ جڏهن ڪو به ٻار بيمار ٿيندو هو ته شيخ صاحب خاص طور تي مولي صاحب وٽان دُعا يا ڦيڻو ڪرائڻ ويندو هو.
پر تڏهن ته شيخ صاحب مٽي پٽڻ جو ڪم ڪندو هو! پنجويهه ٽيهه گڏهه، پنجويهه ٽيهه ٻوريون، ۽ ٻه ٽي چاڪر ۽ پنج ڇهه ڪوڏر ۽ تگاريون. مٽي کوٽڻ شيخ صاحب جو ڪم ۽ روزگار هيو، جيڪڏهن ڪنهن کي ملبو کڻائڻو هوندو هو ته هو شيخ صاحب کي گهرائيندو هيو. شيخ صاحب ڪاميٽي جي ممبرن سان هن سبب دوستي ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هو شيخ صاحب کي ملبو هٽائڻ جي اجازت به ڪندا هئا ۽ ڪجهه ڏينهن تائين مهلت وٺي ڏيڻ ۾ به مدد ڪندا هئا، شيخ صاحب ڪجهه ڏينهن تائين ملبي جو گراهڪ تلاش ڪري ملبو وڪڻي ڇڏيندو هيو. شيخ صاحب هڪڙي هنڌ کان ٻي هن تائين ملبو پهچائڻ جو ڪم ڪندو هو، شيخ صاحب وڏي محنت سان پنهنجو ڪم ڪندو هو ۽ سڄو ڏينهن مٽي ۾ مٽي بڻجي ڪري ڪم ڪندو هو.
مٿي ۾ مٽي، ڊاڙهي ۾ مٽي، ڪپڙن ۾ مٽي، جتين ۾ مٽي ۽ اکين ۾ به مٽي. ڪڏهن ڪڏهن ته شيخ صاحب پنهنجي عقل به مٽي محسوس ٿيندي هئي. ماڻهون کيس شيخ ”ملبو“ يا ”شيخ مٽي“ چوندا هئا. هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن شيخ صاحب سندس پُٽ کي مسيت ۾ داخل ڪرايو هيو ۽ مولوي صاحب کي چيو هو ته ”رب جا نيڪ ٻانها! منهنجي هٿن ڏانهن ڏسجو، هن ڇوڪري جي دنيا سنوارڻ جهڙو ته نه آهيان. توهان منهنجي پُٽ کي مهر هڻي رب جو رستو ڏيکاري سندس دين سنواريو“.
(2)
ساڳئي وقت فقيرو ٻهروپيو به سندس پُٽ کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مسيت ۾ داخل ڪرايو هو. ٻهروپيي ۽ شيخ صاحب جو پُٽ ساڳئي ئي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندا هئا، ڪجهه ڏينهن گڏ پڙهڻ کانپوءِ هو ٻئي هڪ ٻي جا سٺا دوست بڻجي ويا. جڏهن به مولوي صاحب سبق پڙهائيندي ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر ويندو هو ته ٻهروپيي جو پُٽ ملنگي ٽپ ڏئي مولوي صاحب جي سيٽ گادي تي ويهندو هو. مدرسي جي اندر هڪ ٿَلهو هيو جٿي مولوي صاحب گادي وڇائي ويهندو هو ۽ جتيون رکڻ جي جاءِ تي طويل نڙي وارو حقو موجود هيو.
جڏهن به مولوي صاحب مسيت کان ٻاهر ويندو هو ته ملنگي ساڄي هٿ ۾ ڪتاب ۽ کاٻي هٿ ۾ مولوي صاحب جو لڪڻ کڻي رڙيون ڪندي چوندو هو ته ”منهنجي ڳالهه ٻڌو، حيوانو، شيطانو! بانسري! جيڪڏهن توهان ٽپهري جي نماز تائين سبق پاڻي وانگر ياد ڪري نه ٻڌايو ته مان توهانکي ڪُڪڙ ٺاهي ڇڏيندس ۽ تون ٻُڌ ملبي شيخ جا پُٽ! جيڪڏهن تون سبق ياد نه ڪيو ته پوءِ آئون تنهنجي پيءُ جو نڪاح ٽوڙي تنهنجي ماءُ سان نڪاح ڪندس، حڪم شرع شريف سان.
جڏهن به ڇوڪرا مولوي صاحب جي نقل ڪندا هئا ته کلي کلي اسانجي پيٽ ۾ سور ٿيندو هو، ۽ شيخ صاحب جو پُٽ سندس دوست ملنگي کي ڪُٽڻ لاءِ هن جي پوئتي ڊوڙيندو هو ۽ نيٺ پاڻ به کلندي کلندي ڪري پوندو هو.
(3)
پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ته ملبي شيخ جا ڏينهن تبديل ٿي ويا. چوندا آهن ته شيخ ملبو هڪ هنڌ کان ملبو کڻي رهيو هو جٿان کيس پئسن سان ڀريل ديگ ملي ۽ هن وڏي حويلي خريد ڪئي ۽ هن سان گڏ ڪپڙي جو ڪارخانو به ٺاهيو. جهٽ پٽ پنهنجي پُٽ کي مسيت کان انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پر ننڍپڻ جو پيار ۽ دوستي ايتري مضبوط هئي ته جڏهن به شيخ صاحب جي پُٽ کي وقت ملندو هو ته هو سڌو فقيري ٻهروپيي جي گهر پهچي ويندو هو. ٻهروپيو ڪيترن ڏينهن تائين گهر ڪونه ورندو هو. سندس ڪم ئي اهڙو هيو. ٻئي دوست سندس ويس مٽائڻ واري شئين سان کيڏندا رهندا هئا.
ويس مٽائڻ جي شئين سبب ٻهروپيي جو گهر عجائب گهر وانگر لڳندو هيو. ڀتين تي ڪلين سان ڍڪيل بيشمار ڪپڙا ٽنگيل هئا. ساڌو ۽ سنت، مهاراج جا ڪپڙا، عالمن فاضلن جا وڏا وڏا پهراڻ ۽ پڳون، گاڏين تي گهمندڙ شهري بابو جا ڪپڙا، گارڊ ۽ ٽڪيٽ چيڪ ڪندڙ ٽي سي جو ڪوٽ ۽ پتلون، سپاهين ۽ ٿاڻيدار صاحب جون ورديون، ڊاڪٽرن جا اوزار ۽ ميڊيسن بيگ، ڊرائيورز ۽ پنجابي گُجر جا ڪپڙا، شوقين نوجوانن جا ڪپڙا ۽ انگوڇو. بيشمار انگريزي ۽ ڏيهي ٽوپيون. ڇوڪرين جا ڪپڙا، سلوار ۽ چادرون. انگريزي عورتن جا گائون، چولا، پيرڻين جا چولا ۽ لاچا. ڪڃرين جا ڪپڙا، ساڌو جا ڪپڙا، پوڙهن جون ڊاڙهيون، ڄٽ عورتن جا ڪپڙا ۽ ٻيون شئيون.
شيشي جي الماڙين ۾ رنگين ڳهه، موتين جا ڳهه، تسبيون، سُرخي پائوڊر جا ڏبا. اعلي ۽ موتين جهڙا ڏند. هڪ پاسي تير ڪمان ۽ تلوارون، ڇانٽا، هنٽر، ڊنڊا ۽ لٺيون.
شيخ صاحب جو پُٽ هن ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ وساري ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڏاڙهي هڻي پوڙهو بڻجي ويندو هو ۽ ڪڏهن هار سينگهار ڪري ڇوڪري بڻجي ويندو هو، ڪڏهن هو ۽ ملنگي چور سپاهي بڻجي ڪري کيڏندا هئا. ملنگي کلي چوندو هو، ويس مٽائڻو آهي ته پهريان ڪو مرشد پڪڙ.
مرشد کانسواءِ ڪو رستو نه ملي
کير کانسواءِ نه ٺهندي کير سائين
جيڪڏهن ڪنهن ٻي کي مرشد نه ڪندين ته پوءِ منهنجي ساڄي گوڏي کي هٿ هڻ ته پوءِ جيڪڏهن تنهنجو پيءُ به توکي سڃاڻي وٺي ته اسانکي ڪنهن ڪڃر جو پُٽ چئجانءِ. شيخ جي پُٽ کلندي چيو، هل اڙي هل ڊاڙي، اڃان تون پنهنجي پيءُ کان ٿورو گهڻو هنر سک، پوءِ ڪنهن ٻي جو گُرو بڻجانءِ.
جڏهن ملنگي جو پيءُ واپس آيو ۽ هن سندس پُٽ کي ڏسي جاچ ڪئي ته هاڻ کيس پيءُ ڏاڏي جو هنر سيکارڻ جو وقت ٿي ويو آهي ته پوءِ ويندي مهل هو سندس پُٽ کي به گڏ وٺي ويو.
پيءُ پُٽ طويل عرصي تائين هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ، هڪ شهر کان ٻي شهر ۽ اهڙي طرح سموري ملڪ ۾ گهمندا وتندا هئا ۽ ملنگي پيءُ ڏاڏي جو هنر به سکندو رهيو ۽ ٻين ماڻهن کي سيکاريندو به رهيو. نيٺ جڏهن پنهنجي گهر موٽي آيا ته سندس پيءُ چيو:
”وٺ پُٽ، تيار ٿي ڏيکار، هاڻي تنهنجي حياتي جو سڀ کان خاص ۽ سڀ کان حيران ڪندڙ وقت اچي پهتو آهي. جيڪو هنر تون ايتري محنت ڪرڻ کانپوءِ سکيو آهي هو پنهنجي شهر جي ماڻهن کي به ڏيکار ته جيئن ماڻهون تنهنجي پيءُ ڏاڏي کي ياد ڪن. پُٽ! ياد رکجانءِ ٻهروپ رب جي دين آهي پر جنهن فنڪار يا ڪلاڪار جي هنر جو سندس ڳوٺ يا شهر وارن آڌر ڀاءُ نه ڪيو ته پوءِ اهڙي فنڪار يا ڪلاڪار جو هجڻ نه هجڻ هڪ برابر آهي ۽ جنهن فنڪار يا ڪلاڪار جي ڪلا کان سندس ديس وارن مزو ماڻيو ته هن فن يا هنر کي دنيا به ياد رکندي آهي ۽ نيٺ هن ڪلاڪار يا فنڪار کي شهرت جو تاج پارايو ويندو آهي. جوه ۾ مور نچندو ڪنهن ڏٺو آهي پُٽ! اُٿي پنهنجي شهر وارن کي پنهنجي فن جي جهلڪ ڏيکار. پرڏيهين کي ته خوش ڪندا رهيا سين، هاڻ پنهنجن جي روح راضي ڪر. اُٿي، سدائين آباد هوندين.
(5)
ملنگي پنهنجو هنر ڏيکارڻ جي تيار ٿي رهيو هو جڏهن هن جي ملاقات شيخ صاحب جي پُٽ سان ٿي. پراڻي دوست کي ڏسي گُل وانگر ٽڙي پيو، چيائين ”ڏي حوال! منهنجي لاءِ ڇا وٺي آيو آهين؟“ ملنگي چيو ”شيخ جي! فنڪار وٽ سندس فن کان علاوه ٻيو ڇا هوندو. اڄوڪي رات سڄي دنيا ڏسندي. هن پنهنجي دوست جي منهن تي هٿ هڻي چيو ”شيخ جي! جيڪڏهن شاگرد ٿيڻ جا خواهشمند آهيو ته پوءِ مٺائي جي پليٽ ۽ پڳ تيار رکجو.“
شيخ صاحب جي پُٽ چيو ”چپ ڪري ويهه وڏا اُستاد! ذات جي ڪرڙي ۽ شهتيرن کي ڀاڪر. تون ڪجهه سالن ۾ ڇا سکيو آهي جو هاڻ منهنجو اُستاد ٿيڻ چاهين ٿو. اسين انگريزي اسڪولن ۾ پڙهندا آهيون، ۽ شيخ صاحب جو هڪڙو ئي پُٽ آهيان. آئون پنهنجي گهر يا در تي ڪو ٻيو برداشت نٿو ڪري سگهان تون ڪهڙي باغ جي موري آهين؟ منهنجو اُستاد ٿيندين. آئون تنهنجي ڪاريگري ڏسڻ چاهيان ٿو، آئون تنهنجون صلاحيتون ڏسڻ چاهيان ٿو؟
(6)
ٻي ڏينهن شهر وارن ڏٺو ته هڪ خوبصورت نوجوان جنهن جي مٿي تي حسن جي لاٽ هئي، جنهن جي مستاني اکين ۾ هو جادو آهي ته هو جيڏانهن به ويندو آهي هڪ وار ۾ ڪنهن به مرد عورت جو هانءُ ڪڍي ٿو. جڏهن ته مُرڪندو آهي ته سندس موتي جهڙي ڏندن مان بجلي جي چمڪ نڪرندي آهي. ڪاري رات وانگر جڏهن وڏا ڪارا وار مٿي کان هٽائيندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪاري بادلن مان چنڊ جي جهلڪ نظر آئي هجي. خوبصورت هٿ پير، وڏو قد، چڪور وانگر هلي رهيو هو. پر اهو منظر ڏسڻ وارا محسوس ڪري رهيا هئا ته هن خوبصورت نوجوان کي پنهنجي تن من جي خبر نه آهي. ويچارو ڪنهن سهڻي ڇوڪري جي پيار جي ڌڪ سان پنهنجو حوش وڃائي ويٺو آهي. والدين جو دادلو پُٽ محسوس ٿي رهيو آهي، ايترا شاندار لٽا پهريل اٿس. جسم چنڊ وانگر روشن آهي ۽ جُتي کان وٺي مٿي تائين سموري پوشاڪ ريشمي آهي. مٿي تي بنارسي پٽڪو، ريشمي قميض ۽ زري جي واسڪٽ. پر افسوس آهي ته کيس ڪنهن به شئي جي خبر ڪونهي؟
جيڪڏهن خبر هجي ها ته ائين گهمندو هجي ها؟ ڪنهن کلندي چيو ته توهانجي واسڪٽ ڪيتري سهڻي آهي، مونکي پنهنجي واسڪٽ ڏيندين. هن سهڻي جو نالو ٻڌي چيو ”سهڻي جي نالي تي آئون حياتي قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان! هي وٺ. اچي کڻ واسڪٽ. ڪنهن چيو ته تنهنجي جُتي تمام سهڻي آهي. هن جُتي کڻي اکين کي هنئي، بعد ۾ چيائين ته جيڪڏهن هي جُتي سهڻي آهي ته پوءِ هن جُتي کي پيرن ۾ نٿو پائي سگهان، مان سهڻي جي ايتري بيعزتي نٿو ڪري سگهان، اهو چوڻ کانپوءِ هن روئڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي سُريلي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو جو سندس آواز ٻڌي ڀتون به هنجو هاري رهيون هيون.
ساڊي چم ديان جُتيان ڪري ڪوئي
جيهڙا گيان نون موڙ لي آئوندا اي
هُو ڊوڙيندو ويو ۽ جيڪو ماڻهون جُتي کي سهڻي چيو هن ماڻهونءَ کي جُتي ڏئي پاڻ شهر جي ٻي پاسي ڏانهن هليو ويو. درد سان ”ميلاپ سائين، ميلاپ سائين“ پُڪاريندو شهر جي بازارن ۽ گهٽين جي مٽي ڇاڻيندو رهيو. چوٻول ٿي رهيا هئا، هر شخص سندس باري ڳالهائي رهيو هو پر هو ديوانو ته هن دنيا کان بيخبر هيو، هو ته سندس سهڻي کي تلاش ڪندو رهيو، هو پاڻ ته ويٺو آهي پر ٻين کي به ويهاريو اٿس، پاڻ ته ڪنهن وهڪري ۾ وهي رهيو آهي پر ٻين کي به پاڻ سان گڏ وهائي پيو وڃي. پاڻ ته ماتم ڪري رهيو آهي پر ٻين کان به ماتم ڪرائي رهيو آهي.
سندس صورت، سندس جواني ۽ سندس حال ڏسي هر پاسي چوٻول هئا ته ”دوستو، جنهن جو اهڙو چنڊ جهڙو پُٽ ديوانو ٿي وڃي اُها ماءُ زنده ڪيئن رهندي؟ ڪنيئن ائين چيو ته ”جنهن جو اهڙو نوجوان ڀاءُ دنيا کان بيگانو ٿي وڃي هن ڀيڻ جو ڇا حال هوندو؟ ڪو ائين چئي رهيو هو ته ”جيڪڏهن هو سهڻي کيس اهڙي حالت ۾ ڏسندي ته هير وانگر ڪجهه کائي مري ويندي.“ جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. پر هو سهڻو نوجوان ته دنيا جي ڳالهين کان بيگانو هيو، هو ديوانو مستانو شهر جي گهٽين ۾ گهمندو رهيو، ماڻهون ۽ عورتون اهڙي خوبصورت نوجوان جي حالت ڏسي افسوس ڪري رهيون هيون.
(7)
هو مستانو اچانڪ الاءِ ڪٿي وڃائجي ويو ته شهر ۾ هڪ نئون چنڊ ظاهر ٿيو. سفيد کير جهڙي پوشاڪ ۾ هڪ نرس هر گهر جو دورو ڪري رهي هئي. سندس رنگ سانورو هيو ۽ ماڻهون کيس انگريزياڻي سمجهي رهيا هئا. سندس اکيون مومل جهڙيون هيون، هو نرس اسانجي تهذيب جو شاهڪار هيو. سندس ڳالهائڻ جو انداز ڏسي محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي اسپتال ۾ ڪم سکندي هئي. هو نرس وڏي مهارت سان ٻارن کي پنسلين جو مرهم هڻي رهي هئي، سندس هٿن ۾ ايتري تسڪين هئي ته درد سبب ڦٿڪندڙ ٻارن کي سندس هٿ لڳڻ کانپوءِ خاموش ٿي ويندا هئا.
سندس هٿن ۾ اهڙو بيمثال هنر هيو جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ کٽي پوندا. ماڻهون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته الله سائين هن نرس کي پنهنجو رحمت جو فرشتو بڻائي خاص طور تي اسانجي لاءِ موڪليو آهي. هو جٿان به لنگهي، جيڏانهن به وڃي سدائين خوشيون ورهائيندي ويندي هئي.
سندس بيگ ۾ بخار جون ٽڪيون، کنگهه جا ڪکَ، زخم جو مرهم، هر بيماري جوعلاج هيو، زندگي جا اڌ ڏُک ته سندس هڪ جهلڪ سان ختم ٿي ويندا هئا. جڏهن به هو پيار سان چوندي هئي ته ”دير ڪونه ٿيندي، توهان هينئر ئي صحيح ٿي ويندا“ ته مريضن کي محسوس ٿيندو هو ته اسين بالڪل صحيح آهيون.
ڳوٺ جون پوڙهيون عورتون کيس دعائون ڏينديون هيون. ”الله سائين تنهنجي حفاظت ڪري، سدائين آباد هججانءِ، تنهنجي سر جو سائين سدائين آباد هجي. الله توکي ست پُٽ ڏيندو.“ عورتن جون ڳالهيون ٻڌي هو شرمائيندي چوندي هئي، ”امڙ! سر جو سائين ڇا ٿيندو آهي؟“ ته هتي ويٺل عورتون کيس ٻڌائينديون هيون ته ”اڃان ته مس جي شادي ڪونه ٿي آهي“ اها ڳالهه ٻڌي عورتون کلڻ شروع ڪنديون هيون. ٻه ٽي ڏينهن جي اندر ئي اها مس هر گهر کان واقف ٿي وئي ۽ هر سهڻي جي دوست بڻجي وئي ۽ هاڻ هر گهر وارا سندس انتظار ڪندا هئا.
(8)
هر دل عزيز، دل جو قرار ۽ سڀني جي اکين جو نور مس نرس وئي ته شهر جو نئون ٿاڻيدار ظاهر ٿيو. هن اچڻ شرط هنٽر گهمايو ۽ روڊ تي ويهي ڀاڄي يا ڪجهه ٻيون شئيون کپائيندڙ ماڻهون ڀڄائي ڇڏيا. نئين ٿاڻيدار سموري شهر جي صفائي ڪرائي. هن شهر کي مڪمل طور تي صاف ڪرايو. حد کان وڌيڪ شور ختم ڪرايو. چور، ڌاڙيل، پٿاريدارن جو خاتمو ڪيو.
هن ڪنهن سان مارڪُٽ ڪرڻ واري پاليسي اختيار نه ڪئي. هو ڪنهن تي تشدد نه ڪندو هو، شهر وارا ٿاڻيدار کان لهرائيندا هئا، ماڻهن جي دلين ۾ سندس ڊپ ويهي چُڪو هو. هن جي جسم تي وردي هجي يا نه هجي پر جڏهن به هو بازار ۾ بيهندو هو ته ماڻهن کي سمجهائيندو هو ته اها صفائي کليل روڊ رستا توهانجي لاءِ بهتر آهن. هن گوڙ سان توهانجي پنهنجي زندگي متاثر ٿيندي آهي.
لوفر ماڻهن جو شهر ۾ بيهڻ يا رهڻ سان سٺي ماڻهن جون مائون ڀينريون گهران ٻاهر نه نڪري سگهنديون آهن. جڏهن کان اهو نئون آفيسر آيو آهي تڏهن کان وٺي گهٽين ۽ بازار ۾ هر پاسي خاموشي ۽ امن پيدا ٿيو هو. ماڻهون محسوس ڪندا هئا ته جيڪڏهن ڪو مسئلو پيدا ٿيندو آهي ته نئون ٿاڻيدار جهٽ پٽ هتي پهچي ويندو آهي. هو ڪنهن سان گهڻو نه ڳالهائيندو هيو. ها جتي ضرورت هوندي هئي هتي ڏاڍو ڳالهائيندو هو. چوندو هو ته ”چڱا حاڪم ترار وانگر هوندا آهن. ڪرپٽ ۽ بدمعاش ماڻهن کي وڍڻ لاءِ هر مهل تيار هوندا آهن.
(9)
هن کانپوءِ شهر جي وڏي اخبار مستاني نوجوان، نسر ۽ ٿاڻيدار جون تصويرون ٻاهرين صفحي تي شايع ڪيونن ۽ فقيري ٻهروپيي جي پُٽ ملنگي جي قدآور تصوير شايع ڪري لکيو. ”ملنگي“ ٻهروپ جي فن جو ماهر آهي ۽ اهڙا فنڪار اسانجي ملڪ ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به تمام گهٽ هوندا. ٻين اخبارن ٻهروپ جي فن تي مضمون شايع ڪيا ۽ ملنگي جي فن کي سندس پيءُ ۽ ٻين فنڪارن جي فن سان ڀيٽايو ملنگي کي ”مهان ڪلاڪار“ ۽ ”هڪ سچو فنڪار“ لکيو.
هاڻي ته هر پاسي کان ملنگي شهرت ماڻي رهيو هو. جٿي به ڏسو ماڻهون سندس ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس پيءَ کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ اچي رهيا هئا. گُلن جا هار ۽ هڪ پاسي دوستن پيءُ پُٽ کي پئسن جي هار پارايا.
ملنگي پئسن جا هار گلي ۾ وجهي اخبار هٿ ۾ پڪڙي خوشي سان پنهنجي دوست شيخ صاحب جي پُٽ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو. جڏهن ٻئي دوست مليا ته ملنگي چيو ”هاڻي پڳ ۽ مٺائي جو ٿال کني اچ، مان توکي پنهنجو شاگرد ٺاهيندس“. شيخ جي پُٽ کلندي چيو ”اڙي يار، تڪڙ نه ڪر!. ٿورو انتظار ڪر، ڪهڙي خبر توکان به وڏو گُرز بند پهلوان ٽپو ڏئي نڪري اچي.
ملنگي چيو ”گرز بند پهلوان سئو ڀيرو ايندا پر شيخ جي! پر اسان کان وڏو ٻهروپيو ڪو به نٿو ٿي سگهي. منهنجي اها ڳالهه ياد رکجانءِ. ”شيخ صاحب جي پُٽ وري کلندي چيو.
هاڻ گهڻو نه ڳالهاءِ بادشاهه! هتي تو جهڙا گهڻا ئي ماڻهون آهن. اسين هر ڪائيندا آهيون، هتي اڃان به گهڻو ڪجهه آهي“.
ملنگي چيو:
جب تڪ نه ديکون اپني نيني
تب تڪ نه مانون گُر ڪي ڪهني
(10)
الله سائين آباد رکي اسانجي ڪرمن واري شهرن کي، اسانجي شهر ۾ فن جو خزانو آهي. ڪنهن مداري جي ٽوڪري وانگر هن مان به انمول ۽ حيران ڪندڙ شئيون نڪرنديون رهنديون آهن. ٻهروپ جون ذڪر بند ٿيو ته ڪاميٽي جي چونڊن جا دُهل وڃڻ شروع ٿيا. سڄو ماحول تبديل ٿي ويو. ڀتين تي ماڻهن جيترا وڏا پوسٽر موجود هئا. هر پاسي جلسا جلوس هئا. بيڪار ڇوڪرن جي عيد ٿي وئي. هڪ هڪ ڇوڪري کي بادام جي ٻوري ۽ مڻ کنڊ جو مليو. کائو پيئو ورزش ڪيو ۽ جان ٺاهيو ۽ اُميدوارن جي وصف ڪريو، جيڪو به سندن اشتهار ڦاڙي هن کي برباد ڪري ڇڏيو ته جيئن ٻيهر ڪو به اهڙو ڪم ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهي.
حقيقت اها آهي ته هن شهر ۾ چونڊن جا اشتهار ڀتين تي هڻڻ جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اشتهار کي دشمن کان بچائڻ لاءِ ماڻهون گڏ ڪيا وڃن. نه ته هڪ پاسي کان اشتهار هڻو، ٻي پاسي کان ٻي ڌر جا لوفر ڇاڙتا پهرين پارٽي جا اشتهار ڦاري ويندا ۽ هاڻ شهر ۾ هر اُميدوار جا ڪارڪن ۽ حمايتي گھمندا وتندا آهن. جيڪو به ماڻهون بادام کائيندو يا گهوٽي پيئندو هن جي آواز به طاقتور ۽ اثرائتي هوندي.
ان ڪري جلسي جلوسن ۾ نعري جي آواز طاقتور ۽ اثرائتي هوندي آهي. هي شهر هڪ اهڙو هنڌ هيو. جٿي چونڊن جون ٻيون ڪيتريون ئي رانديون هونديون هيون، هتي چونڊن مهل ڪو نه ڪو وڏو سوال عوام جي فلاح ۽ بهبود سان ضرور منسلڪ هوندو هو ۽ ماڻهون هن سوال جي باري غور به ڪندا هئا ۽ بعد ۾ ڪاوڙجي ڪري ڳالهيون به ڪندا هئا.
(11)
پر هن مهل وڏي حويلي واري شيخ صاحب جي باري چوٻول ٿي رهيا هئا. جڏهن شيخ صاحب کي مال ۽ دولت ملي هئي تڏهن کان وٺي عام ماڻهن شيخ صاحب کان پري ٿي ويا هئا، نه ماڻهون شيخ صاحب کي پنهنجو سمجهندا هئا نه وري شيخ صاحب هنن کي ماڻهون سمجهندا هئا پر جڏهن کان شيخ صاحب ماڻهن جي حصي جو پاڻي پنهنجي ٻنين کي ڏيڻ شروع ڪيو تڏهن کان وٺي ان ڳالهه تي تڪرار وڌيو. هونئن ته نالين جو ڪنو پاڻي پٺاڻن جي دور کان وهندو هيو هن هن جو ڪنو پاڻي طويل عرصي کان انهن زمينن کي ملندو هيو ۽ شيخ صاحب پٺاڻن کان اهي زمينون گندي جي پاڻي جي سبب ئي گهٽ رقم ۾ خريد ڪيون هيون، اها زمين وڏي زرخير هئي.
پر پٺاڻن کان ووٽ نه گهرندو هو. هو چونڊن مهل عوام کي اهو نه چوندو هو ته اسين توهانجا خادم آهيون. هٿ ٻڌي ڪري گهمندا آهيون ۽ توهانجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جو ممبر ٿيڻ چاهيندو آهيان. هن پئسو خرچ ڪري ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي سياڻي ماڻهون کان اهو منصوبو ٺهرايو هو ته هي ڪنو پاڻي شهر جي اندريان ختم ڪيو وڃي ۽ هن جي جاءِ تي هڪ اهڙي جاءِ تيار ڪئي وڃي جٿي شهر جو ڪنو پاڻي چئني پاسن ڏانهن ڪڍيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهو ڪنو پاڻي سُک واهه ۾ اڇلايو وڃي.
هن سان شهر جو ماحول ضرور صاف ٿي ها ۽ شهرين کي مک ۽ مڇر کان نجات ملي وڃي ها. پر شيخ صاحب جون زمينون ڪاري رنگ واري گندي پاڻي کان محروم ٿي وڃن ها ۽ اُها زمين ڀاڄين کان محروم ٿي وڃي ها، بعد ۾ شيخ صاحب جو وڏو نقصان ٿي ها. ان ڪري شيخ صاحب ڪنهن جي ڳالهه نه ٻڌندو هو ۽ سڀني کي سندس ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون هيون. ڇاڪاڻ ته هو شهر جي ڪاميٽي جو صدر هيو ۽ صدر صاحب جي مرضي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿيندو هو. پر هنن چونڊن ۾ شيخ صاحب ڪاميٽي ممبر جو اُميدوار هيو ۽ جيڪڏهن هو ممبر چونڊيو وڃي ها ته پوءِ هو صدر جي عهدي لاءِ چونڊون وڙهي ها.
(12)
پر ماڻهن جو چوڻ هو ته ”ملبي شيخ“ کي ممبر بڻائڻ بدرون (ڪني پاڻي) جي حياتي کي طويل ڪرڻ جي برابر آهي. چوڻ وارا ته ائين به چوندا هئا ته شيخ ملبو ۽ ڳوٺ جي ڪني پاڻي جو ٻيو نالو آهي ۽ هر جلسي جلوس ۾ اهو اعلان ڪري ماڻهون کلائيندا هئا. هاڻ سمورو شهر واسين متحد ٿي ڪري اعلان ڪيو آهيان بدرون ۽ ملبو شيخ کان نجات ضرور حاصل ڪندا سين. پر هر سوال جو ٻيو رُخ هوندو آهي. شيخ صاحب جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ وارا ماڻهون ته الاهي هئا پر اڳتي وڌي سندس رستو روڪڻ جي همت ڪنهن ۾ ڪونه هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪنهن به ماءُ اهڙو پُٽ پيدا نه ڪيو آهي جيڪو اڳتي وڌي ڪري شيخ ملبي جو رستو روڪي سگهي، ۽ هن کي شڪست ڏئي پاڻ شهر جو صدر بڻجي ڏيکاري.
(13)
چوندا آهن ته: سئو ماڻهن جي ڪاٺ هڪ ماڻهون جو وزن. اهڙي مشڪل وقت ۾ سڀني کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ شهرين هڪ جلسو منعقد ڪيو. هر ڪو جلسي ۾ خاموش ٿي ڪري ويٺو هو ۽ هڪ سياڻي ماڻهون چيو، دوستو ۽ ڀائرو! اهو ڪنو پاڻي اسانجي شهر تي هڪ داغ آهي. جيستائين بيمارين جي پاڙ، معني اهو گندو پاڻي اسانجي شهر ۾ وهندو رهندو اوستائين اسين بيشمار بيمارين ۾ مبتلا رهندا سين ۽ جيستائين شيخ ملبو اسانجي شهر جو صدر رهندو اوستائين اسانجي شهر ۾ اهو گندو پاڻي وهندو رهندو.
اسان گندي پاڻي ۽ شيخ ملبي کان آجپو چاهيون ٿا. هن شهر ۾ آهي ڪو اهڙو ماڻهون؟ جيڪو شيخ صاحب سان مقابلو ڪري، شيخ ملبي سان مقابلو ڪرڻ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي برابر آهي. پر هڪ ڀيرو شيخ ملبي کي خبر پئجي وڃي ته هن شهر کي اهڙي داغ ۽ بيماري کان آزاد ڪرائڻ وارو نوجوان بهادر موجود آهي.
اهو چوڻ کانپوءِ هو ماڻهون خاموش ٿي ويو پر هر پاسي قبرستان جهڙي خاموشي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته جيئن ڪنهن ۾ ڳالهائڻ جي همت ڪونه آهي. هر ڪو خاموش هيو، هر ڪو خاموشي سان هڪ ٻي ڏانهن نهاري رهيو هو. ڪجهه دير کانپوءِ اچانڪ ڪجهه ماڻهون اُٿيا، هتان هڪ نوجوان اچي رهيو هو، هن نوجوان چيو: منهنجا بُزرگو، منهنجا ڀائرو! آئون طويل تقرير ڪونه ڪندس. نه وري مونکي تقرير ڪرڻ جو هُنر ايندو آهي.
آئون سڌو ۽ عام ماڻهون آهيان. آئون پاڻ ڪافي عرصي کان پنهنجي ڳوٺ ۾ وهندڙ ڪني پاڻي جي باري غور ڪري رهيو هوس پر آئون اهو مسئلو حل ڪونه ڪري سگهيس. پر اڄ توهانجون ڳالهيون ٻڌي مونکي هڪ نئون رستو مليو آهي. توهانجي ڳالهين مونکي هڪ نئون ۽ روشن رستو ڏيکاريو آهي. آئون گهڻو نه ڳالهائيندس پر توهانکي ايترو ضرور ٻڌائيندسته مان ڇا سوچيو آهي. آئون سوچي رهيو آهيان ته شيخ صاحب منهنجو والد آهي. انهي جي ڪري آئون هي خوبصورت دنيا ڏٺي آهي، هن مونکي پاليو آهي، پڙهايو آهي ۽ هڪ سٺي خاندان ۾ پرڻايو آهي پر هن شهر سان به منهنجو رشتو آهي، جيئن شيخ صاحب منهنجو والد آهي ۽ منهنجي عزت جو حقدار آهي.
تيئن اهو شهر به منهنجي ماءُ آهي، جنهن جي ڪڻڪ، پاڻي ۽ حوا ۾ رهي آئون جواني ماڻي آهي. هن شهر ۽ زمين جو منهنجي مٿان حق آهي. مان پنهنجي ماءُ جي نرڙ تي لڳيل اهو داغ ضرور صاف ڪندس ۽ هن جي سيني تي وهندڙ گندي پاڻي جو خاتمو ضرور آڻيندس. هن گندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ آئون ڪجهه به ڪندس.
شيخ صاحب جي پُٽ جون ڳالهيون ٻڌي ڪري ماڻهن جيڪي تاثر پيش ڪيا آئون بيان نٿو ڪري سگهان. نيٺ ائين هتو ته ماڻهون خوشي ۽ حيراني جي سبب پاگل ٿي ويا. شيخ صاحب جي پُٽ کي ڪُلهي تي کڻي شهر جون گهٽيون گهمائي رهيا هئا.
ملبو شيخ............ پري وڃي
سندس پُٽ......... زنده رهي
شهر ۾ هر پاسي هنن نعرن جو پڙايو هيو، ۽ نعرن جو پڙاڏو اوستائين رنيو جيستائين ملبي شيخ جي جاءِ تي سندس پُٽ اڳ ۾ ممبر ۽ بعد ۾ صدر چونڊيو ويو.
(14)
هاڻ ماڻهون انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪڏهن ڪاميٽي وارا ايندا ۽ شهر ۾ وهندڙ ڪني پاڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪندا. شيخ صاحب جو پُٽ چونڊن مهل سندس پيءُ جي گهر بدران پنهنجي ذال سان گڏ سندس سهري جي گهر رهڻ شروع ڪيو. ماڻهون چوندا هئا ته هي گندو پاڻي پيءُ پُٽ جي درميان جهيڙي جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي، بنگال جي مسئلي وانگر ڪڏهن حل نه ٿيندي. نيٺ ماڻهن ڏٺو ته فلاح ۽ بهبود وارو سوال مائٽن کي هميشه لاءِ هڪ ٻي کان پري نٿو رکي سگهي نه وري شريفن کي اها ڳالهه پسند هوندي آهي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ ماڻهن ٻڌو ته شيخ صاحب جو پُٽ صدر چونڊجڻ کانپوءِ وري پنهنجي خاندان سميت حويلي موٽي رهيو آهي. پر ماڻهون انتظار ڪندا رهيا ته ڪڏهن ڪاميٽي وارا ايندا ۽ پنهنجو فلاحي منصوبو شروع ڪندا. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي سندس دوست ملنگي کي هئي جيڪو رڙيون ڪري ماڻهن کي چوندو هو ته بُرن مان چڱا ۽ چڱن مان ئي بُرا ماڻهون ايندا آهن.
هو چوندو هو ته منهنجو دوست سندس والد ملبي شيخ جا گناهه ڌوئيندو. پيءُ شهر کي جيڪو ڌوڪو ڏنو پُٽ هن جو بدلو ضرور وٺندو. شهر ۾ وهندڙ گندو پاڻي بند ڪرائيندو ۽ شهر کي شيشي وانگر صاف ڪري ڏيکاريندو. توڙي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ کيس سر ڇو نه ڏيڻو پوي هو ڏيندو، ۽ اسانجي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي والد جي خلاف ۽ اسانجي حق ۾ ڳالهائيندو.
پر جڏهن طويل عرصي تائين ڪجهه نه ٿيو ۽ ماڻهن کي يقين ٿي ويو ته هاڻ ڪجهه نه ٿيندو ته پوءِ ملنگي سندس دوست وٽ ويو. هن چپراسي کي چيو ته وڃي شيخ صاحب جي پُٽ کي ٻڌايو ته آئون هن سان ملاقات ڪرڻ چاهيان ٿو. چپراسي اندر وڃي شيخ صاحب جي پُٽ کي ٻڌايو ته سائين اوهانجو دوست ملنگي آيو آهي، شيخ صاحب جي پُٽ ملنگي کي اندر گهرايو. جڏهن ملنگي اندر پهتو ته سندس دوست صدر جي ڪُرسي تي ويٺو هو. پر اڄ ملنگي پنهنجي دوست وٽ ڪونه آيو هو. هن اندر اچڻ شرط سڀ کان پهريان اهو سوال پڇيو ته صدر صاحب توهان مونکي ٻڌايو ته گندي پاڻي کي ختم ڪرڻ واري اعلان تي اڃان تائين عمل ڇو نه ٿيو آهي؟
شيخ صاحب جو پُٽ ڪُرسي تان لهي ملنگي وٽ پهتو. هن ملنگي کي ڪن کان پڪڙي مٿي اُٿاريو ۽ سندس ڄاڙي جي هيٺ آنڱوٺو رکي سندس اکين سان اکيون ملائيندي چيو:
اڙي فقيري بادشاهه جا پُٽ! ڪڏهن ٻهروپيو ڏٺو اٿئي؟