بابا اسلام دين سموري ڳوٺ جو هڪ ئي مالڪ هيو. سندس ڳوٺ سموري ڳوٺن کان منفرد ۽ مختلف هيو. ڳوٺ جي هڪ پاسي تي هڪ جبل تي قبرستان هيو. هن قبرستان تي بابي اسلام دين جا بُزرگ دفن هئا ۽ سندن هٿن سان تيار ٿيل مسيت به موجود هئي.
چاچو اسلام دين جي عمر تمام گهڻي هئي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته سندس عمر سئو سال کان به وڌيڪ آهي. پر سندس جسم مضبوط هيو. هو ڪڏهن به پاڻ کي ڪمزور نه سمجهندو هو. سدائين سڌو بيهندو هو ۽ جوانن وانگر لٺ کڙڪائيندو گهمندو هو. وڏي ڏاڙهي کي سدائين جواني وانگر ڪارو رکڻ پسند ڪندو هو، سدائين مٿي جا وار ڪوڙائيندو هو ۽ سندس ٽڪڻ سدائين چمڪندي هئي. چوندا آهن ته چاچي پوڙهي جا ڏند ٻيهر ڦُٽا هئا جن سان چاچو پوڙهو روزانو چڻا کائيندو هو.
سندس وڏي عمر جي خبر ائين پوندي هئي ڇاڪاڻ ته سندس پُٽن جا به پوٽا پيدا ٿي چُڪا هئا ۽ هنن مان به ڪيترا ئي پرڻايل ۽ ٻارن وارا هئا. بابو اسلام دين وڏي رعب دار هستي هئي. ڳوٺ ۾ ڪنهن کي به چرپر ڪرڻ جي اجازت ڪونه ڏيندو هو. هن سندس پُٽن، پوٽن کي به ضرورت جي مطابق زمين ڏني هئي پر کين زمين لاءِ وڙهڻ ڪونه ڏيندو هو. جيڪو به نوجوان گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو ته بابو اسلام دين سندس پُٺيءَ تي لٺ وهائيندو هو ۽ اُهو نوجوان تير وانڱر سڌو ٿي پوندو هو.
بابو اسلام دين سڀ کي سمجهائيندو هو ته ڪڏهن به پاڻ ۾ وڙهڻ نه کپي ۽ سدائين سڌو هلڻ گهرجي. ڪنهن سان کيچل نه ڪجو. ڪنهن به ماڻهون جي ٿانون سان مستي نه ڪجو. ڪنهن جي مال، ذر يا ڍورن ڏانهن ڪني نظر سان نه ڏسجو. ڪنهن به ماڻهون جي ڌيءُ نياڻي کي بُري نظر سان نه ڏسجو. کائو، پيئو موج ڪريو پر حد پار نه ڪجو ۽ جيڪڏهن ڪو بابي جي هدايت تي عمل نه ڪندو هو ۽ سندس حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ته پوءِ چاچو اسلام دين هن جا ڪن موڙي ڇڏيندو هو.
حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نوجوان جا گوڏا ڀڃي ڇڏيندو هو. ڏاڍو ڪُٽندو هو. پاڙيسيري ڳوٺن جا سمورا وڏيرا سندس هدايت تي عمل ڪندا هئا. شريڪ سندس گوڏن کي هٿ هڻندا هئا ۽ دشمن کيس ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا. بابا اسلام دين جو نالو سندس ڳوٺ ۾ ته مشهور هيو پر ارد گرد جي ڳوٺن ۾ به سندس نالو ٻُڌي ڪري ماڻهون خاموش ٿي ويندا هئا. بابا اسلام دين جي ڳوٺ ۾ ۽ ارد گرد جي ڳوٺن ۾ به خاموشي ۽ امن امان هيو. ڪڏهن به ڪو ماڻهون ڪنهن ٻي سان غلط ڳالهه نه ڪندو هو. ڪو به ماڻهون فساد واري ڳالهه نه ڪندو هو.
پر جڏهن بابا اسلام دين جي گهر کي گهارو لڳو ته هن جي پوئيان ڪنهن ٻي جو نه بلڪ سندس گهر ڀاتين جو هٿ هيو. سندس پٽڪو رولڻ ۾ ڪنهن ٻي جو نه پر سندس گهر وارن جو هٿ هيو. سندس پُٽ ۽ نوجوان پوٽا بابا اسلام دين جي وڏي حياتي کان بيزار هئا ۽ سندس داٻي جي احساس کان به بيزار ٿي چُڪا هئا. ڪنهن جي دل چوندي هئي ته آئون پاڙيسيري جي مينهن ڦُر ڪريان، هر ڪو ڪجهه نه ڪجهه چاهيندو هو. ڪنهن نوجوان جي دل تي ڳوٺ جي نوجوان ڪنواري ڇوڪري راج ڪندي هئي ۽ اُهو نوجوان، ڇوڪريءَ جي والدين کان کسي پنهنجي گهر کڻي اچڻ جي خواهش رکندو هو. پر هنن مان هر ڪو بابا اسلام دين جي لٺ کان خوفزده هيو.
نيٺ پوٽن جي پُٽن سندن والدين کي چيو. پوٽن پنهنجي والدين کي چيو. والدين مائرن سان صلاح مشورو ڪيو ۽ سڀنيءَ گڏجي ڪري بابا اسلام دين کي قابو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو. جڏهن بابا اسلام دين ڏٺو ته سندس نوجوان پوٽا، ۽ سڀئي گهر ڀاتي هن کان بيزار ٿي چُڪا آهن ته هن ڪنهن کان ڪجهه نه پڇيو، بابا اسلام دين خاموش ٿي ويو، ائين محسوس ٿيندو هو ته سندس رعب ۽ مان سمان اوستائين هيو جيستائين سمورا گهر ڀاتي سندس هدايت تي عمل ڪندا هئا، سندس اطاعت ڪندا هئا، سندس هر ڳالهه قبول ڪندا هئا، کيس ڪڏهن به تنگ نه ڪندا هئا. پُٽن ۽ پوٽن گڏجي ڪري بابا اسلام دين کي بُلند جبل تي مسيت جي ورانڊي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هن قبرستان تي جتي سندس بُزرگن جون قبرون هيون. ۽ هاڻي سڀنيءَ گهرڀاتين کي ٽوڪڻ وارو ڪو به نه هيو. جنهن جي مرضي هئي ته آئون پاڙيسيري جي ڌيءُ سان ڀڄي وڃان، اُهو ڀڄي ويو. جنهن جي دل چوندي هئي ته آئون پاڙيسيري جي ڌيءُ کي زبردستي کڻي اچان، هو کڻي آيو. هر پاسي ڳوٺ ۾ ڏي وٺ، لُٽ مار ۽ رتوڇاڻ ٿي رهيو هو.
پاڙيسيري ڳوٺن جا وڏيرا بابا اسلام دين جي ڳوٺ جي حالت ڏسڻ لاءِ ڊوڙيندا آيا ته ڀلا هن ڳوٺ ۾ ڪهڙو طوفان آيو آهي جنهن سبب ماڻهون ماڻهون نه رهيو آهي. خاموشي، اصول ۽ امن امان ڪيڏانهن هليو ويو آهي.
هنن اچڻ شرط پڇيو ”بابا اسلام دين ڪٿي آهي؟“ ڪنهن ٻڌايو پئي ته هاڻي بابا اسلام دين قبرستان ۾ رهندو آهي، جتي مسيت آهي هتي سندس بُزرگن جون قبرون آهن. بابا اسلام دين جا پراڻا دوست جلدي مسيت ڏانهن ڊوڙيندا ويا. چاچو اسلام دين رنگين کٽ تي سائي رنگ جو چولو پائي ويٺو هو. سندس پُٺي جي پوئيان چاندي سان ڀرٿ ڀريل وهاڻو پيو هو. مٿي تي سفيد کير جهڙو ريشمي پٽڪو هو. اڳيان شاندار حقو رکيل هيو. حجري جي ڀتين تي هر پاسي ”بابا اسلام دين زنده باد“ وڏي اکرن سان لکيل هيو.
اهو منظر ڏسي ڪري سندس دوست حيران ٿي ويا، چيائون ته ”بابا! توکي ڇا ٿي ويو آهي، تون عيش ۽ آرام سام مسيت ۾ ويٺو آهين ۽ هيٺ تنهنجي ڳوٺ ۾ رب بدران شيطان جو راج آهي.......“ چاچو اسلام دين خاموشي سان هنن ڏانهن نهاريندو رهيو پر منهن مان هڪ اکر به نه چيائين.
”نيٺ سندس هڪ دوست اڳتي وڃي ڪري سندس پوشاڪ لاهي پوئتي اُڇلائي ۽ اُهو منظر ڏسي ڪري سڀنيءَ جو هيٺيون ساهه هيٺ ۽ مٿيون ساهه مٿي رهجي ويو. بابا اسلام دين جي هٿن ۾ هٿڪڙي ۽ پيرن ۾ زنجيرون هيون ۽ زنجيرن سان ٻڌل بابا اسلام دين ڪنهن سان ملڻ جي قابل نه هيو.