سر سهڻي داستان پهريون1وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.2واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛صُورَتَ جا...