کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سچل سرمست جو رسالو > حقيقت

حقيقت

ويچار ڊيسڪ
July 10th, 2008

داستان پھريون
۱
ھُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، ھِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛
نَفيءَ ۽ اثبات کَئُون، پَري خيال پِيو؛
سچو“ سَچُ ٿِيو، ٻي ٻانَھپ ٻولِي ناهِ ڪا.
٢
سَچُو“ سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجھان ڪَثرتَ ڪُلُ؛
الَف مَ‍ئُون آدَم ٿِيو، ڪَري ھنگامون ھُلُ؛
ھِندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنھِن ڀلُ؛
خَلَقَ الاشيَآء فَھُوَ عَينُھَا“ اِھو آڻ عمَلُ؛
ٿِجِ گلابِي گُلُ، مَرُ مارِنِئِي مَنصُورَ جان.
۳
قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي؛
روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ؛
سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ؛
اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛
رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ؛
سچو“ ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين.

۴
سائرَ مَنجھ سَھسَ، گھيڙا گھِڙڻ آئِيا؛
ڪو سِرُ سِيڻاھِيو ڪَڍي، ماٺي کَئُون مَسَ؛
سچو“ لَنگھي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَھ ۾.
۵
اَچِي اَوَ تڙياءُ، گھِڙيس گھوري جِندڙِي؛
چڙھِيَس ڏَاڍي چَاہَ مَئُون، مَستِي مَوجَ مٿَاءُ؛
تَڙَ لَهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگھي پيِس شَھ ۾.
۶
جي وَڃِي شَھ پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛
ڇا تانگھي ڇا تارِ۾، ٻڏي پَوَن ٻيا؛
جي وِچؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.
۷
گھِڙَن جي گھيڙاءُ، تانگھو عِشقُ تَن جو؛
جن کي عشَق عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛
جي سُورَ چکَنديُون ساءُ، ميھَرُ سي ماڻِينديُون.
۸
اسان پِرِين وِچَ ۾، وَھي ٿو دَرياھُ؛
آھي ڪونَه اسانجو، ھاديءَ ري ھَمراھُ؛
سُپيريان تَئُون سَاھُ، ”سچوءَ“ تان صَدقي ڪِيو.
۹
ڏاھا ڏوريون پنڌُ، متان ڀائين پِريَن جو؛
حَبِيباڻو ھَنڌ، وڃِي ڏِسِج اَکڙيَن سان.


١۰
پِرين مُنھنجا پَارِ، تون ڪِيئن ھِت ويلا ڪَرين؟
قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻُ تو درڪارِ؛
ڏسِي وَرج سگِھڙو، دوساڻِي دَربار؛
لڳِي اَٿَم لَونءَ جِي، عَجِيبن سان عَارِ؛
ڏاترَ مُون ڏيکار، صورتَ سانگِيَڙَن جِي!
١۱
اَسان پِريَن وِچَ ۾، دور وھي دَرياءُ؛
ڇوليُون ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛
سُڻي آھان آءُ، مِيان ھِن مُشتاقَ جُون!
١٢
اسان پرين وچَ ۾، جَرُ وھي جاري؛
ھِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻيون وِيريُون ڏي واري؛
ھُت ساجَن جا سارِي، سا دَھلي ڪِينَ دَرياءَ کَنئُون.
۱۳
مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِي ڪِتابَتَ؛
ڏُکَن جي ھِنَ ڳالَھڙيءَ، مُنجھائِي مَصلحتَ؛
ڪِيو فَنا فرض سُنتَ، سِڪَ تَوھان جيءَ سپريَم.
١۴
چَري چَري مَ چئو، چَريو آھي لوڪُ؛
جو چَرئي لَڌو ٿوڪُ، سو ”سَچُو“ آھِ نَه سڀ ڪنھن.

ڪافي ١

سالِڪ راہَ سُڃاڻِي، پاڻُ نَظَر ۾ آڻِين.

جاءِ نَظَرجِي آھِين اَصلَ کَئُون، يارَ يَقيناً ڄاڻِي؛
پاڻُ وڃائِج نُور نَظَر۾، تَه وسرئِي ٻِي آکاڻِي؛
فنا کَئُون اڳي بَقا نَه ٿِيندين، جِيئَن پارو۽ پاڻِي؛
صورتَ مَنجھان ٿِي بي صورَتَ، وِچئُون گَرد اُڏاڻي؛
ھادِيءَ حقيقَتَ ھيءَ سَمجھائِي، ”سَچو“ ساھَ سيبَاڻِي.

ڪافي ٢

لَئون اَچِي پاڻ لاَ يَوَ، ناته مون کي ڪَل نه ھوئِي.

اصلَ لاڪُون عِشق لائِڻ جِي، ڳالِھ اِھا خوش آيَوَ؛
دَردَ فِراقَ جي ڏِنيو اَمَانت، اِھا سانوَلَ سيبايوَ؛
عَرشَ ڪَرسيءَ جا ڪِين قبولِي، اُھا اسان ڏي ھوت ھَلَايَوَ؛
ڳالِھ پُرجَھڻ جھڙي نا ھُئي، پاڻَ سَڄَڻَ سَمجھايَوَ؛
ڏينھَن اُنَھيءَ جي، يارَ ”سَچوءَ“ کَـئُون، سچي ڳالِھ سَلايَوَ.

ڪافي ۳

تُنھنجو دَردُ اصلَ کَئُون، اِختيار ڪَيوسين ميان؛
تُنھنجي سُخنن سَچَن اُتي، اِعتبار ڪَيوسين ميان.

ڪِي ٿا پُڇَن پِرينءَ کي، ڪُرسِيءَ يَا عَرشَ اُتي؛
تُنھنجي اکين مَنجھان سُھڻا، اِسرار ڏٺوسين ميان.

ڪي تا تابع تجليّ، يا شُعلِي نوري يارو؛
اسان صورَتَ ھِن ۾ تا، دِيدار ڏٺوسين ميان.

تنھنجو حُسن ٻِنَھي جھانين، يار سَڄڻ سَھِي ڪيوسين ميان؛
تُنھنجي سچيءَ ڳالِھ ھِنَ تي، اِقرار ڪيوسين ميان.

ھو جو ڪَيَڙوَ مون سان، سو پانھنجو وعدو پاڙيو؛
سِر ساھُ صدقي، صدبار ڪيوسين، ميان؛

سچو“ سَگ دروازہ، آھي روز اَزلَ کَـئُون ميان؛
تو پِيرَ عبدالحَق جو، پيزار ڪيوسين ميان.

ڪافي ۴

وڃِي اَکيون ڪاٿي لايُئي،
حالَ حقِيقتَ جي سان.

فِڪراِنھِيءَ ۾ ميان ٿِي فنا تون، پاڻُ پَنھنجو ڀايُئي؛
اِھڙيون ڳالھيون سُڻ ري عاشِقَ، سارو سو عشق وڌايُئي؛
محبت وارو دل جي اندر، ڏاڍو ڪو مَچُ مَچايُئي؛
کَنيئي پَلڪ ۾ پاڻَھي، ڀولي ڪَنھن نه ڀُلايُئي؛
جي ٿِئين عاشِق يار ”سچو“ ري، اِئين سو عِشقُ ڪَمَايُئي.

ڪافي ۵

ڪَلَ نَه پَوندي ڪائِي،
عَجب جيھي اسرار ُاُنھِي جي.

ھُئي حَلاجَ ذرو سڌ سِرَ جِي، تَنھِن سِسِي ڪوڏَ ڪَپائي؛
لاھي حِجابُ حجابُ وڌائِين، ھِيءَ حِرفَتَ يارَ ھَلائِي؛
سَچو“ سو ئِي صاحب آھِين، پر سڀ ۾ ذات سَمائِي.

ڪافي ۶

جِھڙو ھيءُ عجائب آھِ،
ناھي عجب ٻيو ڪو اِھڙو؛

ھيڏي ھوڏي نه ڏسين، مُنھُن پاڻيءَ ۾ پاءِ؛
پوءِ تصور ھن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛
اکيون پَٽي جي ڏسين، ھادِي آھي ھَر جاءِ؛
سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، ھيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.

ڪافي ۷

اِھو ڏاھيون ڏَس آھِ،
سانول اِتي وسي ٿو.

ڦولھي لَھج پاڻ مَئُون، پَري نه پيرا پاءِ؛
دائِم آھي دوستَ جي، تُنھنجي جيءَ ۾ جاءِ؛
ڪَنھِن جي ڪارڻ ٿِي ڪَرين، ھاري ڙي ھاءِ ھاءِ؛
سوئِي ڏسندڙ، سوئِي سُڻندڙ، پاڻَ ئي ڳالھيون ڳاءِ؛
سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪِي ڙي ڪَنھِن لاءَ؟
سَچو“ ويڏو ساھَ کَنئُون، ڪير چَوي تا ناءِ!

ڪافي ۸

ھِي ڇَڏيج ھو وٺيج،
متان ڪا ٻِي ڳالِھ پُڇيج.

دُوئيءَ واري دامَ کَئُون، پِھريون طالِبُ پاڻ ڪَڍيج؛
مُرشِدَ جِيئن فَرمائِيو، واقف سو تان ڏَسُ وَٺيج؛
سِر سَھِي ڪَرِ پانھنجو، ٻئا آڏاڻا ڪِيم آڏيج؛
لاري لڳُ نَه ڪَنھِن ٻِئي، عاشِقَ اِنھيءَ پنڌ پئيج؛
ويسَھُ واريءَ واٽ تي، ”سچو“ ڙي تُون سِر سَٽيج.

ڪافي ۹

پاڻَھين پارؤن يارَ، قاصِدُ مون ڏي اَڄُ آيو!

اَچَڻَ سَندي اُن جي، اُٿِي ويا آزارَ،
ٿورو ڪيڏو تَن لايو.
ڏنا دلاسا دل کي، رھبر راتَ ھزارَ،
سَندن روحَ جو رايو.
ھيڏي ھوڏي نَه وڃي، اَچج ۾ اِعتبار،
محبت مِڙيوئِي مايو.
اَچڻ جا مَحبوبَ ڪَيا، پَڪا قولَ قَرارَ،
سچو“ توڏي ھُئُنِ سَعيو.

ڪافي ۱۰

ڀَلي ڪَري آئين، ھِت تون گُھرجين يار!

ھِت تُنھنجِي گُھرَ گَھڻِي ھُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!
جاڏي تاڏي جَلوو تُنھنجو، عَجب تُنھنجا چَمڪارَ.
ھِي ڀي ھو ڀِي ھِڪُ، ديسُ تُنھنجو چَئِين ڪُنڊين چوڌار.
اَچِي ٿئين ھِڪُ ”سَچوءَ“ سان، لاھي ٻيائِيءَ بارُ.

ڪافي ١١

عاشِق مَرندا ڪِينڪِي، رھندا ڪِينَ مَڪانَ ۾.

ديواني درياءَ جو، پِيتئون پيالو پُر ڪَري،
اَجرمَنجھ اَمر ٿيا، اُھي گَڏيا ڪِينَ جھانَ ۾.
غيبَ ۾ جي غَرق ٿِيا، تَن گھاء گَردَن ۾ لڳا،
ٻولِي ٻولن ٿا ٻِي نڪا، اُھي رَھن ”اَلاَمانَ“ ۾.
ڪيئِي پَڙھندي سالَ ٿيا، روزا نمازون نَفل نِي،
تَن ڪُٺَن ڪَلَ ڪانه ڪا، باطونَ جي بيانَ ۾.
چِين ولايت گھر ڪَري، گَھڙِي گھارن ڪِينَڪِي،
پَسَن ھادِي حَق کي، رھن ٿا بئبانَ ۾.
ھَر دم آھي دم دوستَ ڏي، اھي سُونھَنَ ٿا سَر انجام ۾،
سو ”سچوءَ“ کي ئي مليو، ھي گُر اچي ته گِيانَ ۾.

ڪافي ۱٢

ڪِيئن وساري تو ويھون ويھون،
پِريان سَندي پارَ جِي، ووميان.

ساھَ سَنيون تان يادِ ڪَيُون، سي آھِن عجائبَ جيھون جيھون.
ڪھڙيين ڳالھيين عاشِقِ اَسان کي، ڏُکَ ڏوراپا ٿو ڏيھون ڏيھون.
اِھي عتابَ تون رکين ٿو ڪيھا، پَکي اسان جڙي پيھون پيھون.
ھِنَ پڄاڻؤن مَتان اَسان تي، ڳالھيُون رکين تون ايھون ايھون.
سچو“ اسان جو تون، اسين تنھنجا، ڳالھيون ڪرين تون ڪيھون ڪيھون.

ڪافي ١۳

آءُ ڪانگا ڪَرڳالِ.
آھِن ڪيھيون اَسان جيون ڳالھيون.
مون سان ڪري جي ڪالَھ وئين، اُھي تان وعدا پال.
ھِنَ غريب سان پِرين گڏائج، بِرہَ ڪِيَس بَيحال.
ھيڏي اچڻ جِي ھُئِي اُنھن کي، ڪا تان قيل مقال.
ٻاجھ پَويئي وي ٻاروچا، نِج نِماڻي نَال.
ياد ڪَرن تا ھُتِ توئي کي، وجُھ نَه جيءُ جَنجال.
فَاذڪُرونِي اذڪُرڪُم“، پَئين تُون ڪيھي خيال.
قولَ پِرينءَ ڪَيا جي توسان، سي تان سَڀ بَحال.
دل ٻَڌل آھي توءِ پِريَن جِي، ”سچو“ تُون پاڻُ سَنڀال.

ڪافي ۱۴

پاڻَ پُنھون آءٌ آھِيان،
اڙي ڀينَر ڀُلي ناھِيان.

ٿِيو ٿِيون مُنڪِرڳالِھ اِنھيءَ کَئُون، چَو تَڏھِن ٻيو ڇاھِيان؟
ڪيچ ڀنڀورڀِي وسَنوَ اسانجي، ڪَھڙي طَرف آءٌ ڪاھيان؟
ھَر ڪو چَوي تا سَھسِين عاشقَ، نانءُ پاڻَ ئِي تَئُون لاھِيان،
ھِت ھُت آھي صورتَ منھنجِي، ٺاھ نه ڪو ٻيوٺاھِين،
پَنھنجو پاڻَ ئِي سان يارَ ”سچو“ ڙي نِينھُن اِھوئي لايان.

ڪافي ۱۵

مَحبوبُ مِٺو آھي مَنَ ۾،
معشوق مِٺو آھي مَنَ ۾!

بيفائِدو بازار گُھمين ڇو، اَٿَئي بُلبُل باغ بَدَن ۾؛
ٻِيائِيءَ سان ٿو ٻاھر ڳولين، نه ٿِئي بَرَ بَحرَ ۽ بَنَ ۾؛
چِھرا چوريءَ چليو ڏسئين ڇو، اَٿئي سو چاند چَمَنَ ۾؛
زلفَ زنجيرَ کَئُون زاھِدَ ڀَڳا، اُھي ظاھِرپَرَستَ ظن ۾؛
عاشِق سَوين اَحوالَ ۾، آکِن اَناالحَق اُنَ ۾؛
سَت زيورَ سينگارَ ڪري نِي، دوست آيو درسَنَ ۾؛
ڪُل يَومٍ، ھُوَ فِى شَانِ“ آيو ورنھَ ھر ڪَنھن ون ۾؛
دلبَرَ ديرو دائم دل تي، ڇو ديکين درپَن ۾؛
ڪري ٿو آھُون ڪِينَ سُڻي ٿو، اَٿَئي قُدسِي ڪلام ڪنَ ۾؛
مُرشد ڪامِل سانولُ سُپرين، آيو صاف صحن ۾؛
فيض ”فاروقِي“ فائَقَ بَخشيو، فھمائي ھِن فَنَ ۾.

ڪافي ١۶

سِگھَڙي لهج سَنڀالَ،
ھادي ھِنَ جي حالَ جي.

ڪوتَھ ڪَريو قَال کي، آڻي ۾ اَحوالَ؛
سگھو موٽِج سُپرين، تو ريءَ ڪَيَم ڪَشالَ؛
فَنا ڪَريو فِراق کي، ويجھو ڪريو وِصال؛
گھڻا لايوَ ڏينھڙا، ماريَس ھِنَ مِثالَ؛
اَوھان ٻاجھون سُپرين، ھِھڙا ٿِيڙم حال؛
اَڱَڻ ھِنَ جي آءُ تون، ”سچوءَ“ مَڃ سوال.

ڪافي ١۷

زاري ڀينَر زاري،
اڳيؤن عَجيبَن جي، آھي اسان جي!

روز اَزل کَئُون عاشقَن جِي، سُوريءَ تي ھسوارِي،
شاہ مَنصور حلاج حُسَينِي، سُوري ڪِيئن سينگاري،
ھِيءُ ٿئي گُم اُھو ٿئي ظاھِر، چُپ چُپان چوڌاري،
سچو“ ساھ سِري ڪر صدقي، سَرسُ وٺين سَرداري.

ڪافي ۱۸

ٿو دوستِيءَ جو دَمُ ھَڻين، پَر ڪِيئن ڪُسِي قُربان ٿئين.

مَھَند مَنصُوريءَ جي تُون، مَنجھ مَعرڪي مَردان ٿئين.
وري صحِي ”اَنَا سِرہٗ“، تَنھِن اسم مَئُون انسان ٿئين.
جي تو پوري سُڌ سِر جي، حيرتَ انھيءَ حيران ٿئين.
نعرو ”اَنَاالحَقُ“ جو ھڻِي، ٿِي مرد سر ميدان ٿئين.
جي دم سُڃاڻين پانھنجو، تُون دين، تون ايمان ٿئين.
ھِي پَنڌ سو پُرزا ٿئي، جي نينھن جو نيشان ٿئين.
سچو“ يَڪايَڪ، يَڪ ٿئين، تون شمع، تون پروانو ٿئين.

ڪافي ١۹

مين ماھي دي لڳِ ماري،
ماري آئون ڦِر جياري.

چَونديَس پيش پِرينءَ جي، حال حَقِيقَت ساري.
جا نالو وٺَندي نِينھَن جو، تَنھن کي اِيندي شَھَر نِڪاري.
دم نَه رھندي دوستَ ري، شَوقُ سَندو شِڪاري.
مَستَن کي محبَتَ جي، آھي ڳِچيءَ ۾ ڳاري.
جي اَول ماريو پوءِ جيارن، تَنين گَڏ قطاري.
چڱِي ٿِيَڙس چِت ۾، دوستَ ڏني دلداري.
سچيڏني“ کي عِشق جِي، صاحِب ڏي سَرداري.

ڪافي ٢۰

عاشِقَ ڪَيَئي اُداسِي،
وہَ واہ ڳالِھ خاصي.

لَؤن لَؤن مَنجھ روز ازل کنؤن، آھي وِرھ اَوھان جي واسِي.
عشق نار احِتَرق“ سُڻِي اشارتَ، ھيءَ دل تا ڪِينَ ھِراسي.
ھيڏي ھوڏي ڪين وياسي، بات اھِا اسان باسِي.
برھَ اوھان جي ڪِيو بيراگِي، ”سچو“ رنگ سَناسِي.


ڪافي ٢۱

ھُت تا ڪير ھُياس، ڀَلو ميان، ٿِي آيس ڪير، نه ڄاڻان.

نانءُ ٻيو ھُت ھو منھنجو، سائين الا، ھِت ٻِئي نانءَ ٿياس.
اچڻ نَه ھو ھِت مُنھنجو، سائين الا، پَرَ ڪَنھِن تا خواھش کنياس.
ھُت ھُيَس مَعشوقيءَ ۾، سائين الا، ھِت عاشِق ٿِي آياس.
ھَي ھَي ھُئِي ڪانه ڪا، سائين الا، ھِت مَنجھ پَروڙ پياس.
سَچو“ سارو سَچ ٿيو، سائين الا، وِچَئُون ”آءٌ“ وياس.

داستان ٻيو

١
جي اچين تان اَچُ، نَه تَه ھِت پُورَن پَڇاڙيو؛
محبَتَ ٻاريو مَچُ، سِيني مَنجھ ”سچوءَ“ جي.
٢
ڪِيم مَھِينا لاءِ، آءٌ ڀَلا ڀُلِي آھِيان؛
اَچِي اَکڙيُون کَڻِي، ”سچوءَ“ کي سَرچاءِ؛
جانِي جوڙيَم جاءِ، تو لڳ اَکَڙيُن ۾.
۳
چَشمَن جِيءَ چمَڪارَ، ساھ مُنھنجو سوگھو ڪِيو؛
ويھي واٽَڙيُن تي، رُئان زارو زار؛
ھوت اَچِج ھيڪار، اَڱَڻ آسروند جي.

۴
ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافِر؛
اِنِھيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سَمجھي ”سَچيڏنو“ چوي.
۵
روئَڻ کان نه رھن، آيَل اِھي اکِيُون؛
سڀڪنھن ويل وَھن، اَٿن اَثر اوھِيرن جا.
۶
لَحظو نَه لاھِين، بارَ مَٿَن بَرسات جا؛
اکين کي آھِين، اَثَر اوھِيرن جا.
۷
بادلَ وارا بارَ، چشمَن تي چڙھيا؛
رئن زارو زار، اَٿن اثر اوھيرن.
۸
آئي نِي مُند مِينھَن، آھي اَکڙين کي؛
رُئن راتو ڏينھن، اَٿن اَثر اوھيرن جا.
۹
آھِ اِھا ئِي تاتِ، آگم اَکڙين کي؛
ڏينھنَ اَئُون رات، اَٿَن اَثر اوھيرن جا.
١۰
آگم اَکڙين کي، سدائين آھِين؛
سي ڪِيئن اوڳائِين، جن کي اَثر اوھيرن جا.
١١
اَکِين کي آگمَ، ھِن سَدائين سَرتيون؛
گُوندر گڏيون غَمَ، اٿن اثر اوھيرن جا