داستان چوٿون
1
ڪاغَذ لکي ڪالَ، مُڪم جو محبوبَ ڏي؛
ڳالهيون سنديون حالَ، ٿِينديون پڙهڻ مان پڌريون.
2
آيو راتِ رقمُ، مون ڏي محبوبن جو،
ته ’دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نه وسارئين.‘
3
لکيو موٽي مُون، ڪاغذ قريبن ڏي،
’اَٿَم تون هِي تون، ٻئي جو ناهم آسرو.‘
4
حَبيبن ڏانهُن هِيئن، اَديون لِکجي آئيو،
ته ‘تون مون سان جيئن، آءٌ تيئن تو سان آهيان.‘
5
نَئون لِکيو آيوم، پِريان سندي پار ڏنهن؛
سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال هيانوَ سان.
6
جيڪر لِکي موڪليان، هَي خط هزارين؛
پڙهي مانَ مهنجا پِرين، هِي سگ سنڀارين؛
شَل وار نه وسارين، اهو اَٿَم آسرو!
7
لکي خط مُنجان، هِي پِريان سندي پارَ ڏي؛
ته ’منهنجون لک هُجان توسان آهن تو جيئن.‘
8
پانڌي پَهچائي، ورُ عَريضو عجيبَ ڏي؛
قاصِد ڪونچائي، متان سورَ وجھين ساهَ کي.
9
چَئو ڪِيم تِکو، مون کي پارئون پرينءَ جي؛
سرتيون سڀ سِکو، جيڪر لائڻ لُونءَ ڙي.
10
ليلائيندو آئيو، پانڌي اَڄُ پَراءِ؛
ورتس دردَ ڌُراءِ، جو مَت وڃائي آئِيو.
11
اَڳيَئون مُحب مَٺِي، متان ڪا منهنجي ڪَرين؛
وهندو ورُ وٺي، ساٿِي خبر کِيئنِ جي.
12
وڃِي ڏيهه ڏٺو، ڪِي تو سندو سڄڻين!
چڱِيءَ طرح چِٺو، پانڌِي ڏنُئِي پِرينءَ کي؟
13
سوزَ ڀري سِٽِ جا هُئِي، سا ساٿِي ڪين سِکيو؛
ته مٿان ڏئِي، لَهسَ لِکيو، جو پڻ مُڪو سڄڻين.
14
سندو رازَ رقعو، آيو جو عجيبَ ڏنهُن؛
سا سِٽَ پڙهندي سَريتون، ڳالهائڻ چُڪو؛
عاشقَ جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تِير تُڪو؛
مون ڏي مُحب مُڪو، ڄڻ ساٿِي سلامَن جو.
15
حَبيبَن هيڪارَ، آئين ورِي موٽئيين؛
ٻاٻِيهَلَ ٻيهارَ، اَچي ويهه اکين تي.
16
وري ڪانگ وريو، پريان سندي پارَ ڏنهن؛
لامين لڳِي لُونءَ جو، تنهن ڏاڍو سُر ڀريو؛
ڪاڪيون ڪنِ ڪريو، جو ٿو ڏئي سنيهو سَڄَڻان.
17
سنيها ساري، منهنجا چَوي محبوبَ کي؛
’پرين تُنهنجي پارَ جِي مدت مون وڌماري؛
’مُنج ڏهاڙي مون مَڻين، اهو ڏاهو ڏياري؛
’مَرُ سِگھَڙو سَنڀاري، ڏئي سِڪ سَنِيهڙا.‘
18
سنيهو سان سُورَ، چوي ٿو چهنبَ سان؛
پَون پاڙيچن پُور، ٻولِي ٻُڌي تَنهن جي.
ڪافي 1
آءُ ڪانگا ڪا پِرين جي ڳالهه ڪَر
وعدو ڪَيُئِي ڪالههَ سو پَرحال ڪر!
ڪِيئن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،
خوش ڏٺو هو ئي يار ڪهڙي ويس ۾؟
سا خَبر مون سان وري في الحال ڪر.
ڪِي پُڇيائون خَبر مهنجي حالَ جي،
ڪي ڪَيَئي آگاهه هِن احوالَ جِي،
سو مون سان ڏاها اِهو اَحوال ڪَر.
هت فراقَ آهي ماريو، مان ٻيو ڇا چوان،
سور منهنجي ساههَ کي نِت نِت نوان،
آءُ ادا خاطر مهنجِي خوشحال ڪَر.
ڪِي اُڏاڻو هُئين پِرينءَ جي پارَ ڏي،
ڪِي نياپا هِي نِيا هُئي يار ڏي؟
ڪا مَدد مُنهنجِي ادا الحال ڪر.
دوستن جي منجھ حضور حاضر ٿئين،
زاغ زاريءَ مَون نياپا هي نِئين،
لڳه سائينءَ سارو، ”سچوءَ جو سوال ڪَر.
ڪافي 2
اي پِرين تُون پاڙ پنهنجا، قولَ جي تو ڪالهه ڪيا!
مَنجھ جدائِيءَ تانهنجي، هِت اَسان هِي حال ڪيا.
مون تا مِلڻَ لئه تانهنجي، ڪوڙين ڪهڙا ٿي خيال ڪيا.
حالَ مُنهنجي کي ڏسي، ڪيئن ڀلا تو ڀالَ ڪيا.
سڏ ”سچوءَ“ سڪ سوزَ مون، جاني اوهان کي جالَ ڪيا.
ڪافي 3
مُنهنجو هاڻي مون وٽ اِيندو، هاريون واقف حالَ جو!
ڪينَ ڇڏيندو ڇَپَرين، نال نِماڻِي نيندو.
شالَ مقام مُئِيءَ جو، ٿَر وڃِي نِي ٿيندو.
درسن سندو دائما، ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏيندو.
”سچو“ پار پرينءَ جي، وره وارو ڪو ويندو.
ڪافي 4
هِن غريب جو حالُ، توکي مَعلوم آهي!
صدقي ڪنديَس سِر سائِين تَون، ٻيو سڀ مِلڪ ۽ مالُ.
دوستَ اَوهان ريءَ ديس ۾، جيَڻ آهي جنجالُ.
چَئي ٻُڌايان ڪيترو، آرياڻِي اَحوالُ.
مَڃ ”سچوءَ“ جو سُپرين، سائينءَ لڳ سوال.
ڪافي 5
پرديسِي گَڏيا دوستَ لَٿو هِجر هلاڪِي،
آيا اڱڻ مُنهنجي، جن ڪيو هو فراقِي.
جَن ڪاڻِ سڪيَس سالَ، ويٺي واٽڙين تي،
مون ساڻ اَچِي پاڻ، ٿيا محب ملاقِي.
پَرديس لَڳه مون ٿي، پانڌي روز پڇايا،
مون کي ڪانه پَئي خَبرَ، اَچِي سي ٿيم اوطاقِي.
پيغامَ پَهرِيئون پانڌن هَٿ پاڻ مُڪائون ٿي،
هاڻي هڪُ ٿيا مون سان، جي يارَ هئا ياڪِي.
آهي سَگ ”سچو“ دوست جي در جو اصلَ کَون،
تنهين ڏيَڻ ڏوراپو، ناهي مَستُ ميثاقِي.
ڪافي 6
تون تا وسين مُنهنجي مَن،
ميان تو کي چَئِي ٻڌايان ڇا!
هوتَ سنديوَ آءٌ حاضرِي، ٻيون سي ڏنَڙم ٻَن.
مقصد منهنجو تون ٿئين، ٻيا ڪَعبي نيتَ ڪَن.
آءٌ گھڻو گھورِي تَن جِي، ڪيو سرُ صدقي جن.
عرضَ الاهُون عاجزن، ڪوهُ نه ڪرين ڪَن.
اَکيُن عامُ نه آوُڙي، تو کي جانِي ڏِٺو جَن،
آهي ”سچوءَ“ کي سدا طَلَبَ توهان جِي تن.
ڪافي 7
يارَ اسان کي ٿيون مارين،
تنهنجيون اَلغرضايون!
انهُون دانهُن تي، سائين هِي ڪميڻيون ڪارين.
باهيون تنهنجي بِرهَ جيون، ٻارڻَ دل ۾ ٻارين.
کِيئَن جو ڏنئون خَبران: ”سچو“ تو هُتِ سارين.
ڪافي 8
جڏهن پِريَن پاتيم جھاتِي،
تڏهن حاجَت ناهي حج جي!
اَچڻ سانُ اُنهن جي يارو، عشقَ ڪئِي اثباتي.
سڀ ڪجھ ٿيڙم حالون محرم وسريَم ذڪر ذاتِي.
چوريءَ چوريءَ يار سَڄڻ سان، ڏس ”سچو“ دل ڦاٿي.
ڪافي 9
دوست تُنهنجي در جي، هيءَ ڳالهه آءٌ ڪنهن سان ڪريان!
ڇڏ پِرين پَرڏيههُ تون، ميان، ڏکَ اَوهان ٻاجھون ڏريان.
دوستَ رهه هِن ديس ۾، ميان، سرُ منجھُون سوُرن ڀَريان.
لَڪَ سَڀَئِي ويٺي لنگھيَس، ميان، پوريم اوريان پَريان.
ساڻ چرخي چتَ جي، ميان، ورهَ جا ڌاڳا وريان.
سِرُ ”سچو“ چَوي پانهنجو، ميان، دوست تو آڏو ڌريان.
عبدالماجد ڀرڳڙي جي ٿورن سان
http://www.freewebs.com/majidbhurgri/sachal.htm