کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سچل سرمست جو رسالو > متفرق ڪلام حصو پهريون

متفرق ڪلام حصو پهريون

ويچار ڊيسڪ
July 10th, 2008

بيت سنڌي روجھن بابت
۱
روجھُون رڻُ يادِ ڪيون ، اُڀيون رتُ رئَن؛
ھر ڪنھن ويلَ ھُئَن ، اِھڙن اوراتَن ۾.
۲
روجھُون رڻُ ڦِٽو ڪري ، لاھِ لھِي آيون؛
ٿِين تار نه تَرايون ، جو مُند نه اُٺَن مِينھڙا.
۳
مُندين مِينھن اُٺانِ ، وري روجھُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائيءَ جا ڏينھڙا ، گھڻا گھر ڏٺانِ؛
اُنھيءَ کَؤن اَرمانِ ، لحظيٖ مَنجھ لھي ويون.
۴
مُندين مينھُن پيونِ ، تَرايون تارِ ٿيون؛
وڃڻُ مٿين ماٿرين ، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
۵
ھنيَڙو ڇـڏي ھُتِ ، ٿيون روانيون روجھون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينھڙا ، ٿيون گُـذارِن ھِت؛
اَٺئي پَھر چِت ، وطن تَن نه وسري.
۶
رڻُ ڇڏي روجھُون ، ڪا ڏس چِتائي ھَليون؛
جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا ، تيلھان ٿيون ڪوجھون؛
لَڪَنِ جون لوجھُون ، جَرين جالِڻَ ھَليون.
۷
ماٿَر مينھن پِيانِ ، روجھان موٽي آيون؛
اَوسَر سَندا ڏينھڙا ، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿَر ٿيان ، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
۸
جڏھن ٿيا اَبَر، تڏھن روجھُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون ، جن ٿي گـذاريا اوسَر؛
پھاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُـذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگھيَن ڏکيا ڏينھڙا.
۹
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون ، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛
اوسَر ڪَيون ھُيون ، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون ، رڻُ سڀوئي روجھيون.
۱۰
روجھڙين اُتاءُ ، لنگھيا اَوسَر ڏينھڙا؛
موليٰ آندا مِينھڙا ، پنھنجي مھر مٿاءُ؛
جي ھيون ويچاريون وِڇـڙيون ، ھڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ ، اُٺي اَچي گـڏيُون.
۱۱
آسَروند آھين ، روجھون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي ، ٿيو وائِڙيون واجھَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنھن ڪُنڊ ٿيون ڪاھِين ، جنھن ڪُنڊَ وَسَن مِينھڙا.
۱۲
سچو“ رک سَماءُ ، ٿو ماڻھو روجھن سان گڏين؛
ھاڻي صبر مَنجھِ ئِي آءُ ، ڪمائي پوري ڪري.
۱۳
آيون وَس ڇڏي ، مُندين اُٺَن مينھڙا؛
موليٰ سندي مِھر آھ ، جي وڇڙيون گـڏ گـڏي؛
لٿيون لاھَ لڏي ، روجھون ريجاڻِن تي.
۱۴
رڻَئُون روجھيُون آيون ، وين اوسَر ڏينھن؛
مندين اُٺن مينھن ، ڪيئون رُخ ريجان تي.
۱۵
رڻئُون آيون روجھون ، جو سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينھڙا ، وسري وين پرديسُ؛
جي ھيون اُٺيٖ ريءَ اُديسُ ، سيٖ پُڻ سرھيون ساہَ ۾.
۱۶
جي اوسَر ڏسِي روجھيون ، رڻَ چـڙھي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتھَين ، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينھڙا ، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون ، ڍليون گـاھَ گُـلن تي.
۱۷
رڻِ چـڙھي روجھان ، ويون وري ڪَٺَ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون ، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي ، پَھاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينھڙا ، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
سچو“ مون نه سَري ، ريءَ ميلائيٖ سَڄَڻين.
۱۸
جي رڻ چَـڙھيون روجھَڙيون ، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جھولِئين ، بِـرُ ھيون بُکيون؛
ٿيون ھاڻي سڀ سُکيون ، جو مُندين اُٺَن مينھڙا.
۱۹
ھِنيون لاھي ھَليون ، روجھان رڻُ چتاءِ؛
موٽي مِھر موليٰ جي ٿين ، جو اُٺن مينھن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينھڙا ، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنھنجي ديس ڏي ، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ ، ڪا رازقَ روجھڙيَن تي.
۲۰
روجھون وٺي واٽَ ، ھليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان ، چَٽن مِٺي ماٽ؛
لاھي اُڃ اُساٽَ ، راھِي ٿيون رڻَ راہَ ڏي.
۲۱
روجھون ريجاڻن تي ، لنگھي لَس ويون؛
بوندون جِـت بارانَ جون ، پَھاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رھيون ، جن پنڌُ نه ڪيو پھاڙ جو.
۲۲
راھي ٿيون رڻ راہ ڏي ، لاھي اوسٽَ اڃ؛
پھاڙيءَ مان پُڃَ ، روجھن ڪيا رڄَ تي.
۲۳
راھِي ٿيون رڻ راہ ڏي ، لاھي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَڦـڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي ، ٽَھي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجھ پھاٽَ ، لَٿَن سِڪَ ”سچو“ چَوي.
۲۴
وٺِي وٽَ پَھاڙَ جي ، ھليون منجھان ھيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
۲۵
رڻَ چـڙھي روجھون ويون ، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛
اُٺا مينھن مِھر جا ، مِھر ڪئي مَوليٰ؛
روجھيون ريجھيون ، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
۲۶
روجھُن زارو زار ، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون ، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرودَ سان ، سارنگ لَـڌين سارَ؛
روجھن ساڻ رھاڻ لئه ، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽھي ھليون ٽيلن تي ، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي ، وسڻ جي وسڪارَ؛
تانگھيون تارَئون تار ٿيون ، ترايون تلھارَ؛
سَچي لَـڌڙي سارَ ، سِگھي سڪَ وارئين.
۲۷
ڦوڙائي جون ڦَٽيون ، ڦوڳيون ٿيون ڦولھِين؛
اَبر سندي آسَري ، ٽَڪَر ٿيون ٽولھين؛
ڳوليو ٿيون ڳولھين ، ترايون تَر ڀَريون.
۲۸
مندائتا موٽيا “، روجُھون چَوَن روئِي؛
قسمتَ قيدالماءِ“ کي ، ڪونَ جھَلي ڪوئِي؛
سائين سگھوئي ، ڪَندو وسَ ولھِن تي!“
۲۹
مندائتا موٽيا،“ روئِي چَون روجھون؛
ڪميڻيون ڪوجھيون ، قادرَ تنھنجيون آھيون!“.
۳۰
پانڌوڙيون پھاڙَ جون ، رڻين ڪوہ رھن؛
لوچي سي لَھَن ، جن ”سچو“ ٻَڌو سندرو.
۳۱
ماٿَر مٿاھان پنڌڙا ، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا ، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن ، ”سچل“ سي ساڻيھ تي.
۳۲
ڇڏي رڻ راھِي ٿِي ، روھَن مٿي روجھ؛
ٻيلي پَئي ٻوجھ ، چَرڻ جِي تنھن چِت ۾.
۳۳
روھَن اَندر روجھڙيُون ، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
سچل“ سي ساون ، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
۳۴
پَلر پَھاڙين پَلٽيا ، واحد ڪَين وسَ؛
لنگھي ويون لَسَ ، روجھون راجاڻَن تي.

دوھا
شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي ، جا سمجھي نه ڄاڻان!

بعضي ڀايان پُتلي ، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي ، يا وانگيءَ وانگر زور.

يا تا محل آھيان ، جنھن ۾ شھنشاھ،
ٻوليون ڪري ڪيتريون ، ٿو درنئون داناھ.

يا تا گھوڙو آھيان ، جو ھَلائي ھَسوار،
يا تا موج درياھَ جِي ، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.

يا مِھنديءَ گل تا آھيان ، جنھن اندر لالائِي،
يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.

يا تا چشمو آھيان ، جو اَبر ڀَريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءُٗ اَصل کان آھيان،
جنھن ۾ ڳالھ ناہِ تا ، سو ڀي تا ناھيان.

ڳالھ ”سَچوءَ“ تا سَمجھِي ، کَؤن ھاديءَ اِھائِي،
تا غير خدا جو ناھيين ، آھين صاحب سدائي.

ھدايت ۱
رمزان سي ھاديءَ جون، ميان،جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناھن،
ھوءِ ھوءِ - ڌريون آھن دل تي!

ڳالھيون ڪري ڳُجھ جون ، ٿا صاحبَ سَمجھائِين،
لااِلهٰ “ کَؤن اڳنان ٿا ھادِي ھلائِين،
سَمجھڻ ” سَمع بَصَر“ جو ٿا فائِقَ فَرمائِين.

خوديون خاص نه ڀائنجو ھِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالھڙِي ھِي سوز و گدازان،
اَٿَـواَناالحقَ‘ جا اِھي عِبرت آوازان.“

ھَي ھَي ھِڪڙي ڏينھنڙي ،ٿا ھادي اِئين چَون،
جَن نه سمجھِي ھِـت ڳالھڙِي ، سي سُڀان گھڻو رون،
جَن سُڃاتو ھتھين ، سي ھُـت ڀِي اِئين ھُـون.“

جيڪي ڀَليون ڳالھڙيون ، اُنھن پُڄَڻ پَري آھ،
ڪوڙا قصا ڪُھ پئا يار، سُڃاڻ سَواءِ،
پُرجھَڻ آھي پاڻ کي ، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.“

ھاديءَ حـقيقت جي ، يار، موٽِي ھيئن چيو:
آقا آھي ھيءَ ادا آھي ڪونه ٻيو،
جي ئِي لنگھيا سَڀَ کَؤن ، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿو، جو وجودؤن ويو.“

ھدايت ۲
مرشِدَ ھادي رھنما ، ٿا سَمجھائِن اِئين:

ھُو تُون ڄاڻج پاڻ کي ، متان ھيءُ ٿئين،
وحدت جي چوگان ۾، اِھا گوءِ نِئين،
سچو‘ ساڻ يقين جي ، ھِي حال ڏي ھِئين.“

ھدايت ۳
ھادي ويڙھي آيو، ھاڻي سائينءَ ھِيئن سمجايو،والِي ويڙھي آيو!

ڪڏھن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينھان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان،

خاڪَون ھَلج خاص ٿي ڪر پاڻِيءَ کَؤن پرواز، ميان،
چـڙيءَ چَنبو ماريُئي ، ٿي شاھِين ۽ شھباز، ميان.“

جيڪو اَصل آھي، ٿيو ھاڻي سو سلطان، ميان،
گھوڙي چڙھندِڙ گم ٿيو، پيو گھوڙو ۾ جولان، ميان.“

گرد ڳجھو ڪيو طالبو، اھو گھوڙي جو ھسوار، ميان،
گھوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گرد غبار، ميان.“

آيو بحر جوش ۾، تڏھن موج پَئي ٻاھار، ميان،
ھَي ھَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.“

لُـڙَ منجھَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياہ، ميان،
بيحد رنگ گھڻا ٿيا ٻاھر، ھرڪو ٿيو گمراہ، ميان.“

سانوڻ لٿو، ھڪ ٿِي تڏھن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لُـڙ ٿيو، اھو سارو سمونڊوءِ ، ميان.“

نانءَ لَھِي ويا ٻاھريان ، اھو باقي رھيو نام، ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واھڙان، ھت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.“

ھِت سَڀيئِي درياھ ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ ، ميان،
اول آخر ھڪ ٿيو، ويا وچائون گنان ، ميان.“

اصل جيڪي ھوس آءُٗ آھيان ھِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُھوئي ، ھڏ آھِيان ڪونه ٻيو، ميان.“

اکيون اکڙين ۾ رکي ،تون پنھنجو پاڻ سُڃاڻ ، ميان،
پوي نظر جت تانھنجي ، تت پنھنجو چشم چال، ميان.“

اکيون اکڙين ۾ رکين ، تا ھِت ھُت تون‘ ھين آءُٗ ، ميان،
جي خبر اکين جي لَھيين ، تا تون نرالو نانءُ ، ميان.“

اکين مون معلوم ٿئي ، اِھو صورت جو سينگار، ميان،
سچو“ سارو سچ ٿيو، ٻيو ناھي تفاوت وار، ميان.“

ڪافي ۱
اڄ تون اسان وٽ آءُ ، تون مينھن والَ ميھارَ، ميان!   

پاڻي اُپڙڻُ نا ڏئي ، ھڪ ويريون ۽ ٻيو واءُ ، ميان.
ڪارِي، ڪُن لَھريون لسان ، دورَ وڏي درياءُ ، ميان.
ساھَـڙَ سببون تانھنجي ، سَرتيون ڏين نَه ساءُ ، ميان.
پِرين وڙئون پانھنجي، ”سچوءَ“ لَھُ سماءُ ، ميان.

ڪافي ۲
لَـڙ وھي لوھاڻو، يارَ، وي!

سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنھين جھوراڻو.
ڪاھيو پوي ڪُنن ۾، ڏنِس عشق اوراڻو.
ساھـڙَ ٻاجھون ساہَ کي ، ڪيو ورہَ ويڳاڻو.
سانولُ سدا آھهِ مُون ، اوھِين سڀئِي ٿيون ڄاڻو.
پڇندو اَچي پاڻَھين ،”سچل“ يارُ سِياڻو.

ڪافي ۳
آکوڙِي! آءُٗ ڪير آھيان ، ذات نه ڄاڻان ڪير!

سَھي ڪَري ڪين سگھان ٿو، ڀينَر پنھنجو ڀيرُ.
ڪاٿَئون ٿِي آءُٗ ڪاٿي آيس ، پرتَئون پاتم پيرُ.
ساڳيو ئي سو رانجھو آھيان ، تنھن ۾ ڦندُ نه ڦيرُ.
پاڻؤن ڄاڻي پر گھمايَم، سُرھو ڪِيُم اَنڌيرُ.
مَڪي مَنجھ مَسيت بڻايَم، جڻيو جيسلمير.
سچو“ نانءُ ته آھي منھنجو، ھَـڏِ نه آھيان غير.

ڪافي ۴
ساٿي ڙي ديسَ دلبر جا، سِگھو وڃ پار پرين جي؛
خبر ڪا خيرَ جي آڻين ، آھي خوش خاص سو مَظھر!

پانڌِي پيغامَ ھي ني تون ، سنڀاري دوست کي ڏي تون،
ڳالھيون ڪر ياد ڀي تون ، آھينم تون دل گھريو دلبر.

عاشق ايڏھن نھاري ٿو، تو لئه گوندرِ گذاري ٿو،
سَڄَڻ تو سَرس ساري ٿو، اَوھان لڳ آھِ مُنتظر.

زيادہ ٿو ڪري زاري ، ڪيائين سَؤ ڳِچيءَ ڳاري،
مَ ڪج تنھن کَون بيزاري ، ڏسي ڏوھن سندو دفتر.

دردَ ۾ دل بَجانو ٿيو، اُتي يَڪدل يَگانو ٿيو،
وٺي نياپا روانو ٿيو، رسيو تاروءِ وڃي رھبر.

اڳيون ڀِي ٻاجھَ ھُـت پيئي ، وائي تا ھجر جي ويئِي،
دلاسا دوست ڪيا ڪيئي، لِکڻ کون ھِن اُھي ٻاھر.

آھي سڀ خيال ھِي منھنجو، اوڏنھن ويو حال ھي منھنجو،
سچُو“ ري سوالُ ھي منھنجو، حضوريءَ ۾ ٿيو حاضر.

ڪافي ۵
تنھنجي چشمن چيٽَڪ لايو،
آءُٗ ھاڻي ڪئن ڪريان!

ڪَلَ نه مون کي ڪا ھئي ، عشق اَچانڪ آيو.
دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو.
سدا گھُرجي ”سچوءَ“ کي ، محبت جو نِي مايو.

ڪافي ۶
يارَ ٿئين وڃي ياڪي،
متان ھي وسارين، ميان!

ٻيو سَڀو مون وسريو، برہُ رھيو ھڪ باقي.
تنھنجي طالبَ آھيان ، محبَ مون تا ميثاقي.
ڪم منھنجو ڪيچ ۾، ھاڙھو سَڀُ ھَلاڪِي.
لاھج پنھنجي لطفَ سان ، گوليءَ کون غمناڪي.
ڪَر پاڄاڻي پنھنجي ، ”سچُو“ ھيءَ ڪساڪِي.

ڪافي ۷
ھِيءَ غريب نماڻي،
ڪيئن بيراڳِڻِ ڪَيَئه!

معاف مدايون ڪَر تَنھين تَون ، الھ لڳ آرياڻي،
پيش اچي جا پَيَئه.
بِيٺي آھيان يارانھيءَ تي ، حُب منجھؤن ھوتياڻِي،
ڳالھ چُڪِيءَ جا چيئه.
ھڪ خيال نِي دل تي تنھنجو، تنھن ڪَيَس جوڳياڻِي،
خيال ٻيا سڀ کَنيَئه.
وعدن واري ڳالھ اَسان سان ، ھوتَ ڪَيَئه جا ھاڻي،
ڪيئن وسرِي سا ويَئه.
ڏک ڏوراپا ڪھڙا توسان ، پرين سا ڪيئه پُڄاڻي،
نال نماڻِي نه نِيَئه.
ڀَري نوڪَ نيھَن جِي سائين،”سچوءَ“ کي نِي سُڃاڻي،
ھوت ڀَري جا ھَنيَئه.

ڪافي ۸
عِشق اسان وٽ آءُ ، اچي تو تا سانوڻ لايا!

چئنچل چيھل ٿي چوڌاري ، مينھن رات ڪئي موچاري،
عزت لـڌي آسمان ، پِرين اچِي پير گھُمايا.

بوندَ بِرہَ جي بَرسي باري ، جوشَ اکِيَن مون جَرَ ٿيا جاري،
بيحد ٿيا بارانَ ، اصل کون واھَ وھايا.

گل ڦُل گاھن ڪئِي گلزاري ، مَڃيائون سارنگ جي سرداري،
سَھسين ٿيا سامان ، اَکين اچِي آگَمَ لايا.

يار ”سَچَل“ چئي مُحب مِليا سي ، بيشڪ دل جا دردَ لٿا سي،
شاھِي رکيائون شان ، اچي تَن حُڪم ھَلايا.

ڪافي ۹
عِشق پنھنجي جي خَبر جي ڪَنھن اَدا عاشِق آھي،
مُشرڪ ۽ مُرتَد آھي ، توڙي اھو تارڪ آھي.

جو ٿيو گُم يار ۾، پاڻ ئِي کون لا تعلق آھي،
پانھنجي ھُوڻَئون اُھو، ھَر فعل کون فارق آھي.

ڪُفر ۽ اسلام کون ، لاڙو انھِيءَ لاشڪ آھي،
رمز تا ھِن راز جي ، سمجھي سوئي سالِڪ آھي.

دائم دُوئيءَ وارن نظرَ، ھڪ خلق ٻيو خالق آھي،
اُپٽي جو عبرت جون اکيون ، تنھن کي مڙيوئي مالڪ آھي.

جِيئن ھاديءَ فرمائيو، سوئي سَڀو برحق آھي،
سو ”سچوءَ“ مُرشد سچو، سو پير عبدالحق آھي.

ڪافي ۱۰
جيءُ آئين ڀَلي آئين تون،
ڪنھن منزل مون پھچائين تون،
ٿو موٽي سِرُ وڍائين تون!

سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪھايئِي، سوريءَ تي مَنصور چڙھايئي،
شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي ، ھاڻي ھيڏي پنڌَ پُڇائين تون